ايڪويھين صديءَ ۾ سائنس جي حالت جو جائزو

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر مغل

 گذريل هفتي  کان اسان تحقيق جي چئن اهم شعبن جي ترقيءَ جو  هفتيوار جائزو وٺڻ شروع ڪيو آهي جيڪا ايڪويهين صديءَ ۾ به جاري رهندي. گذيل هفتي اسان ان حوالي سان مصنوعي ذهانت (A1)   جو جائزو ورتو هو. اڄ خلائي تحقيق ۽ موسمياتي تبديلين جي تحقيق ۽ بايو ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀراين جو  ڏسنداسين.

خلائي تحقيق:

آمريڪا ۽ روس ته ڪافي عرصي کان خلائي کوج (Space Exploration) ۾ رڌل آهن پر هاڻي چين، هندستان، جاپان ۽ ترڪي به کوج ۾ لڳي ويا آهن، جنھن سان هڪ طرح جي نئين خلائي ڊوڙ شروع ٿي وئي آهي. هي پروگرام اڪثر بين الاقوامي سھڪار گهرندا آهن، جيڪا ڳالهه اسان کي وري اهو ياد ڪرائي ٿي ته ڪيئن عالمگيريت، اسان جي سائنسي تحقيق کي تشڪيل ڪري رهي آهي.

ٽم مارشل، جنھن جاگرافيءَ تي جڳ مشھور ڪتاب لکيا آهن، پنھنجي تازي ڪتاب ”دي فيوچر آف جاگرافي“ ۾ اها دعويٰ ڪري ٿو ته مستقبل ۾ خلا ۾ ٿيندڙ طاقت ۽ سياست جي رسه ڪشي ڪيئن اسان جي جيوپوليٽڪس کي متاثر ۽ متعين ڪندي.

2014ع  ۾ متحده عرب امارات اسپيس ايجنسي قائم ڪئي. ان آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ملازمتون ڏنيون. ڇھن سالن جي محنت کان پوءِ UAE، 2020 ۾ مريخ تي هڪ بغير انسان واري خلائي مشين اماڻي. هيءَ مھم نه رڳو بين الاقوامي  هئي پر ان ۾ عورتن جو به حصو شامل هو. ان کان سواءِ UAE، خلا ۾ موجودگي ظاهر ڪندڙ پھريون عرب ملڪ بڻجي ويو، خلائي سائنس ۾ سيڙپ UAE جي تيل تي بيٺل معيشت کان تبديليءَ جي وسيع ڪوشش جو حصو به آهي. ڪمرشل خلائي ٽوئرازم شروع ڪرڻ جا به UAE وٽ منصوبا آهن، ساڳئي نموني چين به خلائي تحقيق ۾ وڏي سيڙپ ڪري رهيو آهي. نومبر 2020 ۾ چين، چنڊ تي بغير انسان واري مشن موڪلي، ان مشن چنڊ جي پٿرن جا نمونا ڪٺا ڪيا ۽ ان تي چين جو جهنڊو کوڙيو، جيڪو چنڊ تي اهڙو ڇھون جهنڊو هو.

ترڪيءَ جي حڪومت به 2018 ۾ ترڪش اسپيس ايجنسي قائم ڪئي. هندستان پڻ خلائي سائنس ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي. هندستان پنھنجي پھرين ڪامياب اينٽي سيٽلائيٽ مشق ڪئي، جنھن تي وزيراعظم مودي اها دعويٰ ڪئي ته ”هندستان هاڻي دنيا جي مک خلائي قوتن مان هڪ آهي“.

موسمياتي تبديليون ۽ ان تي تحقيق:

گرين هائوس گئسن جو اخراج اسان جي ماحول ۽ فضا کي آلوده بڻائي رهيو آهي، جنھن ڪري ڌرتيءَ جو گرميءَ جو درجو وڌي رهيو آهي، گليشيئر ڳري رهيا آهن، سمنڊ جي سطح مٿي ٿي رهي آهي، اوزون تھه ۾ سوراخ وڌي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ 1990 ۾ IPCC (انٽر گورنمينٽل پئنل آن ڪلائيميٽ چينج)، ورلڊ ميٽيورولاجيڪل آرگنائيزيشن ۽ يونائيٽيڊ نيشنس انوائرمينٽل پروگرام جي تعاون سان قائم ڪيو ويو. IPCC اهو نتيجو ڪڍيو ته عالمي سراسري گرميءَ جو درجو گذريل 100 سالن ۾ وڌندو رهيو آهي ۽ ايندڙ 100 سالن ۾ ان ۾ 3 ڊگري سينٽري گريڊ جو اضافو ٿي ويندو. IPCC اها سفارش ڪئي ته موسمياتي تبديليءَ تي سائنسدانن جي هڪ عالمي برادريءَ طرفان تحقيق ٿيڻ گهرجي.

اڄ دنيا جا امير ترين ماڻهو ۽ سندن قائم ڪيل NGO’s موسمياتي تبديليءَ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ اڳيان اڳيان آهن. ورلڊ ايڪانامڪ فورم، به گرين ڌرتيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو. دنيا جا اڪثر ملڪ، بشمول ترقي يافته ملڪن جي، توانائي لاءِ ڪوئلو، تيل ۽ گئس جيڪي سڀ (Fossil Fuels) سڏرائن ٿا، استعمال ڪن ٿا، جيڪي گرين هائوس گئسن کي پئدا ڪندڙ وڏي ۾ وڏا وسيلا آهن. ان ڪري هاڻي زور توانائيءَ جي صاف ذريعن جھڙوڪ سولر انرجي، وِنڊا انرجي، جوهري انرجي وغيره تي آهي، جن کي وري استعمال ڪري سگهڻ جا توانائي وسيلا (Renewable Energy Sources) چيو وڃي ٿو، هن سلسلي ۾ چين ۽ روس جا سائنسدان يورپ، آمريڪا، لاطيني آمريڪا، ڏکڻ ايشيا، آفريڪا ۽ مشرقِ وسطه جي سائنسدانن سان گڏجي تحقيق ڪري رهيا آهن، 1997 ۾ ڪيوٽو پروٽوڪول جي ٺاهه تي به انھن ملڪن صحيحون ڪيون، جنھن مطابق انھن ملڪن کي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ ڪمي ڪرڻي آهي. چين گرين هائوس گئسون پئدا ڪندڙ مکيه ملڪ آهي. ان ڪري چين موسمياتي سائنس ۽ گرين توانائي تحقيق تي وڏي سيڙپ ڪري رهيو آهي. اڄ چين دنيا ۾ سولر بجلي پئدا ڪندڙ وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي ۽ بجليءَ تي هلندڙ ڪارون ٺاهيندڙ وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. 2020 جي آخر ۾ چين جي صدر زِي جن پنگ چين کي 2060 تائين ڪاربان نيوٽرل بڻائڻ جي منصوبن جو اعلان ڪيو.

چين ”ڊجيٽل بيلٽ اينڊروڊ پروگرام“ پنھنجي عالمي موسمياتي حڪمت عمليءَ جي حصي طور قائم ڪيو آهي، جيڪو بيجنگ ۾ چائنيز اڪيڊمي آف سائنس ۾ قائم ڪيل آهي، هي پروگرام سموري ايشيا، آفريڪا ۽ مشرق وسطه جي ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديليءَ تي نظر رکڻ لاءِ بين الاقوامي ماهرن کي گڏ ڪندو، جنھن ۾ چين، روس، هندستان، پاڪستان، ملائيشيا ۽ تنيشيا وغيره ملڪن جا سائنسدان شامل آهن. هي هڪ ننڍڙو مثال آهي ته اڄ جي سائنس ڪيئن عالمگيريت طرفان تشڪيل ڪئي پئي وڃي.

بايوٽيڪنالاجي (Biotechnology) ۾ اڳڀرايون

بايوٽيڪنالاجي مستقبل ۾ ڇا ڪري سگهي ٿي؟

زندگي، هن ڪائنات جي وڌ ۾ وڌ قديم ٽيڪنالاجي آهي، جيڪا 3.7 ارب سال پراڻي آهي. اها ان سموري طويل عرصي ۾ ارتقا جي مختلف ڏاڪن مان گذري آهي ۽ نيٺ اڄ کان 2 لک سال پھريان، ان ٽيڪنالاجيءَ انسان جي صورت ۾ هڪ ذهين هستي پئدا ڪئي، جيڪا ڪجهه سالن کان هن ڌرتيءَ تي موجود هر شيءِ کي تبديل ڪري رهي آهي. حياتيات (Biology) جا راز انسان آڏو کُلڻ شروع ٿيا آهن ۽ اڄ اها حياتيات خود هڪ انجنيئرنگ جو اوزار بڻجي وئي آهي.

زندگيءَ جي ڪھاڻي کن پل ۾ ٻيھر لکجي رهي آهي، ارتقا جي انڌي عمل کي هاڻي اکيون ملي رهيون آهن، هڪ طرف ملي رهيو آهي. هيءَ اسان جي زندگيءَ جي وڌ ۾ وڌ اهم تبديلي آهي.

هيومن جينوم پراجيڪٽ

هي 13 سالن تائين ڦھليل اربين ڊالرن جو پروجيڪٽ هو، جيڪو 2003 ۾ پڄاڻيءَ تي پھتو. هن پراجيڪٽ / منصوبي جو مقصد انساني جينوم (يعني 46 ڪروموسومس) ۾ موجود ڊي اين اي جي ٽي ارب کارن/  اکرن (Bases) جي ترتيب (Sequence) معلوم ڪرڻ هو، جيڪي هي آهن: ايڊينائن (A)، ٿائمين (T)، سائٽوسين (C) ۽ گئانائين (G). هن پروجيڪٽ تاريخ ۾ پھريون دفعو انسانن جو مڪمل جينياتي نقشو پڙهڻ لائق (legible) بڻايو. هن منصوبي جي تڪميل هڪ انقلاب جي شروعات ڪري ڇڏي. جھڙي نموني ڪمپيوٽر جي ترقيءَ بابت مور قانون پيشن گوئيون ڪيون، تھڙي نموني ڊي اين اي سيڪوئنسنگ جي قيمت لاءِ ڪارلسون ڪَروِ (Carlson Curve) اڳڪٿي ڪئي آهي.

2003  ۾ ڊي اين اي ترتيبون معلوم ڪرڻ جي قيمت هڪ ارب ڊالر هئي، جيڪا 2022 ۾ هڪ هزار ڊالرن جي اندر ٿي وئي آهي يعني 20 سالن ۾ اها قيمت لکين دفعا هيٺ لٿي آهي. جينوم سيڪوئنسنگ هاڻي هڪ زبردست ڪاروبار ٿي چڪو آهي. اها خدمت مهيا ڪندڙ ڪمپنيون جيئن 23and Me، ڪجهه سو ڊالرن ۾ هڪ ماڻهوءَ جو ڊي اين اي سيڪوئنس دريافت ڪري ڏين ٿيون.

جِين – ايڊيٽنگ (Gene – Editing)

1973 ۾ اسٽينلي اين ڪوهن ۽ هربرٽ ڊبليو بوير بئڪٽيريا مٿان ڪم ڪندي، اهي طريقا ڳولي لڌا، جن ذريعي هڪ ساهواري جو جينياتي مواد، ٻئي ساهواري ۾ منتقل / پيوند ڪاري (Transplanting) ڪري سگهجي ٿي. هنن هڪ ڏيڏر جي ڊي اين اي کي هڪ بئڪٽيريا ۾ ڪاميابيءَ سان منتقل ڪري ڏيکاريو.

هن تجربي سان جينياتي انجنيئرنگ جو دور شروع ٿي ويو. هن تحقيق کان پوءِ هربرٽ، ڊبليو بوئير دنيا جي پھرين بايوٽيڪ ڪمپني-جينن ٽيڪ (Genentech) 1976 ۾ قائم ڪئي. ان ڪمپنيءَ جو مقصد پتڪڙن جيون (Microorganisms) جي جينس سان هٿ چراند ڪري دوائون ٺاهڻ ۽ بيمارين جو علاج ڪري سگهڻ هو.

ان ڪمپنيءَ اي ڪولاءِ (E-Coli) بئڪٽيريا کي استعمال ڪري ان مان هڪ هارمون – سوماٽواسٽيٽن (Somatostatin) پئدا ڪيو.

اڄ هن بايوٽيڪنالاجيءَ جي طاقت محض رڳو ڊي اين اي ۾ سانڍيل ڪوڊ / معلومات کي پڙهڻ جي قابليت تائين محدود نه رهي آهي. پر هيءَ ٽيڪنالاجي ڊي اين اي کي بدلائي (Edit) به سگهي ٿي ۽ ان کي نئين سري سان لکي (Write) به سگهي ٿي.  بايو ٽيڪنالاجي جي اڳڀراين بابت وڌيڪ  ايندڙ هفتي جائزو وٺنداسين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.