قرباني ۽ ڪارنامن جا 57 سال

تحرير: شرجيل انعام ميمڻ

30 نومبر پاڪستان جي سياسي تاريخ  جو هڪ سنگ ميل آهي. اڄ کان 57 سال اڳ 30 نومبر 1967ع تي لاهور ۾ نامور ترقي پسند اڳواڻ خورشيد حسن مير جي گهر تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نالي سان هڪ اھڙي سياسي جماعت قائم ڪئي وئي، جنهن نه رڳو پاڪستان پر آفريشائي ملڪن جي عوام جي اميدن  جو محور بڻجي وئي. اڄ پاڪستان جي عوام ۽ پيپلز پارٽي جي لازوال رشتي جا 57 سال مڪمل ٿي ويا آهن. اهي 57 سال پيپلز پارٽيءَ جي انھن ڪارنامن جي تاريخ آھي. جيڪا هن عوام  پاڪستان کي ھڪ جمھوري،دفاعي طور مضبوط ۽ خودمختيار بنائڻ سان گڏ عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ انجام ڏنا.

1967ع ۾ پارٽي جي  تاسيسي گڏجاڻي ۾ جيڪيو بنيادي دستاويز  شهيد ذوالفقار علي ڀٽي  پيش ڪيو.ان ۾ ڪافي وضاحت ۽ دليلن سان اھو ٻڌايو ويو تھ  پاڪستان ۾ ھڪ نئين پارٽيءَ جي ضرورت ڇو آھي. ان دستاويز ۾ لکيل  آهي ته ”موجوده صورتحال ۾ان ڪري بھ ھڪ  نئين پارٽي بيحد  ضروري آهي ڇو ته ان کان سواءِ روشن خيال عنصرن کي گڏ ڪرڻ ممڪن نه آهي.“  ان دستاويز ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ” پارٽيءَ جو بنياد انصاف ۽ برابري جي اصولن تي رکيو وڃي نه ڪھ جبر، استبداد ۽ ڦرلٽ جي پراڻي مسلڪ تي. ان نئين بنياد تي پاڪستان جو عوام پنهنجي اندروني ۽ ٻاھرين  مسئلن جو حل يقيني ڳولي سگهي ٿو“ اھا ئي ڳالهه  پارٽيءَ جو نظرياتي بنياد هو ۽ اڄ تائين  آهي. ان بنيادي دستاويز ۾ اھو چٽو ڪيو ويو ھو ته  پنهنجي نصب العين کي حاصل ڪرڻ لاءِ پارٽي کي ڊگهو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. ان دستاويز ۾ لکيو ويو هو ته ”اسان جي فڪر جي انداز ۾ انقلابي تبديليءَ جي اشد ضرورت آهي. هاڻي ان کانسواءِ ٻيو ڪو بھ رستو ناهي.  ڊگهو رستو اختيار ڪرڻ ڪو خوشگوار ڪم ناهي، جڏھن تھ ننڍو رستو موجود آھي.پر پاڪستان جي موجوده صورتحال ان ڳالهه جي تقاضا ڪري ٿي ته ڊگهو رستو اختيار ڪيو وڃي. اسان کي تجربي اھو ٻڌايو  ته جڏهن اهڙا مسئلا پيش اچن.  جن سان عوام ۽ ملڪ جي قسمت جڙيل هجي، آسان ۽ مختصر رستو اصل ۾ منزل کان واقف نه ٿو وڃي، بلڪھ ُسڃ جي نشاندهي ڪري ٿو. ”

بنيادي دستاويز موجب پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت اهو ڊگهو رستو اختيار ڪيو، جنهن ۾  قدم قدم تي تڪليفن ۽ مشڪلات کي منهن ڏيڻو پيو ۽  حياتي جون  قربانيون ڏيڻيون  پيون. پر ان جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي ملڪ ۽ عوام لاءِ اهي ڪاميابيون حاصل ڪيون، جن کي واپس نٿو ورائي سگھجي.

اڄ يوم تاسيس جي موقعي تي اسان فخر سان چئي سگهون ٿا ته پيپلز پارٽي جي هڪ تاريخ آهي. ڪنھن ٻي  سياسي جماعت  جي اهڙي تاريخ ناهي. سياسي تاريخ سان گڏوگڏ پيپلز پارٽي جي ڪارنامن  جي به  ھڪ تاريخ آهي. پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي اسلامي دنيا جو پهريون ملڪ بڻايو، جنهن وٽ ايٽمي طاقت آهي. اسان کي فخر آهي ته شهيد ڀٽو پاڪستان کي 1973ع جو آئين ڏنو. اهو آئين  متفقه بھ آھي.

ان سان نه رڳو پاڪستان کي هڪ وفاقي پارلياماني جمهوري نظام  مليو بلڪھ پاڪستان جو وفاق پڻ  مضبوط ٿيو. شهيد ڀٽو عوام ۾ سياسي شعور جاڳايو ۽ پهريون ڀيرو مزدورن ۽ هارين سميت پورهيتن جي ڀلائي لاءِ پاليسيون ڏنيون ويون. شهيد ڀٽو پاڪستان کي نئين سر تعمير ڪيو. هن نه رڳو 90 هزار جنگي قيدين کي آزاد ڪرايو پر پاڪستان جي دفاع کي به مضبوط بڻايو. هو پاڪستان جي غير جانبدار پرڏيهي پاليسي جو معمار هو. هن پاڪستان کي جديد انفراسٽرڪچر ڏنو. هن صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ انقلابي سڌارا ڪيا. هن پاڪستان جي عوام سان گڏوگڏ ٽين دنيا جي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. ھن اسلامي ملڪن جي اتحاد ۽ اڻ ڌري  تحريڪ لاءِ ھڪ عالمي ليڊر جي  طور پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن پنھنجي مشن کي جاري رکڻ جي لاءِ ان يقين سان پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي ته ” اور نڪلين گي عشاق ڪي  قافلي“.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو به اهو ئي ڊگهو ۽ ڪٺن رستو اختيار ڪندي پنهنجي شهيد بابا جي مشن کي جاري رکيو. هن پڻ پاڪستان جي استحڪام ۽ عوام جي جمهوري ۽ بنيادي حقن لاءِ جدوجھد ڪندي پنهنجي جان  قربان ڪري ڇڏي. اها شهيد محترمه بينظير ڀٽو هئي جنهن ايم آر ڊي ۽ اي آر ڊي جي پليٽ فارمن  تي سمورين سياسي پارٽين کي متحد ڪيو ۽ فوجي آمرن خلاف جمهوري تحريڪون هلائي ٻھ ڀيرا وري ملڪ کي جمھوريت جي پٽڙي تي آندو. اها شهيد محترمه بينظير ڀٽو ئي هئي جنهن ملڪ جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي ميزائل پروگرام ڏنو. هن ئي عورتن کي اهي حق ڏنا، جن جو اھي عورتون  تصور به نٿيون ڪري سگهن.هن پھرين ويمنز بئنڪ قائم ڪئي. هن ملڪ ۾ پهريون ڀيرو عورت پوليس اسٽيشنون قائم ڪيون. هن هاري عورتن کي زمين جو مالڪ بڻايو. هن غريب عورتن جي معاشي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا. هن بيروزگار نوجوانن کي ان وقت بيشمار نوڪريون ڏنيون جڏهن سڄي دنيا ۾ ٻاڙائي  هئي ۽ ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا هئا. شهيد بي بي بنيادي تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ رياست جا وسيلن جو رخ موڙي ڇڏيو.

اڄ اسان فخر سان اھو چئي سگهون ٿا ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان پوءِ صدرمملڪت  آصف علي زرداري قربانين ۽ ڪارنامن  جي تاريخ کي اڳتي وڌايو. هن ڊگهي قيد جون سختيون سٺيون جن کي وساري ڪري پاڪستان جي سياسي قوتن کي متحد ڪيو ۽ 18هين آئيني ترميم منظور ڪرائي پاڪستان جي وفاق ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪيو. هن  ملڪ جي  صدر جي حيثيت سان پنهنجا سمورا اختيار پارليامينٽ ڏانهن منتقل ڪيا. هاڻي ڪو به صدر، جمهوري ۽ چونڊيل حڪومتن کي برطرف نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي وري ڪو فوجي آمر ڪنهن قسم جي مھم جوئي  ڪري سگهي ٿو. اھا پاڪستان جي عوام جي جمهوري جدوجهد جي هڪ تاريخي عڪاسي آهي. هن غريب عورتن لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو. هن پيپلز پارٽي جي غير جانبدار پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪندي پاڪستان جي پراڻي دوست چين سان لاڳاپن کي هڪ نئون رخ ڏنو. هن روس ۽ اسلامي ملڪن سان لاڳاپن کي نئون موڙ ڏنو. آصف علي زرداري جي پاليسين سان ملڪ جي خودمختيار۽ آزاد معيشت کي ترقي ڏيارڻ ۾ مدد ملي.

اڄ اسان پارٽي جي يوم تاسيس جي موقعي تي اھا ڳالهه بھ فخر سان چئي سگهون ٿا. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي اصل نظرياتي بنيادن تي قائم رهندي پرڏيهي وزير جي حيثيت سان پاڪستان کي اڪيلائپ مان ڪڍيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي قيادت واري ڪردار کي بحال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري پهريون ڀيرو دنيا کي اهو احساس ڏياريو ته پاڪستان سميت دنيا جا ڪيترا ئي غريب ملڪ موسمياتي تبديلي سبب تباهه ٿي رهيا آهن. هن انهن ملڪن کي موسمياتي آفتن سبب انصاف ڏيارڻ جو نعرو بلند ڪيو ۽ ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت  ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ٻوڏ متاثرن ان ڏکي گهڙي ۾ متاثرن سان گڏ بيٺل رھي. پيپلز پارٽي نه رڳو ٻوڏ متاثرن جي فوري امداد ڪئي بلڪھ انهن جي بحالي لاءِ به اھي قدم کنيا، جن جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي. پيپلز پارٽي به ٻوڏ متاثرن جي معاشي مدد ڪئي ۽ انهن لاءِ 20 لک کان وڌيڪ گهر ٺاهي دنيا جي سڀ کان وڏي منصوبي تي ڪم ڪري رھي آهي. هن يوم تاسيس جي موقعي تي اسين فخر سان اھا     چئي سگهون ٿا ته پيپلز پارٽي جو ئي پاڪستان جي عوام سان حقيقي ۽ ابدي رشتو آهي. ڪنھن ٻي سياسي جماعت عوام سان ان رشتي کي نڀائڻ جي  نھ تھ  ايڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ نه ئي ايتري خدمت ڪئي آهي. پيپلز پارٽي ئي ملڪ ۽ عوام جي واحد اميد آهي. سڀني کي پيپلز پارٽي جو يوم تاسيس مبارڪ. ھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.