دنيا جا اھم ۽ انتھائي معتبر ادارا رپورٽ ڪري رھيا آھن تھ 26 ۽ 27 نومبر جي وچ واري رات جڏھن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ريلي اسلام آباد جي ڊي چوڪ ۾ داخل ٿي رھي ھئي تھ پوليس ۽ رينجرز گرينڊ آپريشن ڪري فائرنگ ۽ ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جي ذريعي ريلي کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.جنھن ۾ پي ٽي آءِ جي دعويٰ موجب ان جا درجنن ۾ ڪارڪن ماريا ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا. ان سموري آپريشن کي حڪومت جي اعليٰ عھديدارن جي مڪمل پٺڀرائي حاصل ھئي.سرڪاري عھديدارن ۽ وزيرن جي دعويٰ آھي تھ ڪا بھ گولي نھ ھلائي وئي آھي.ٻئي پاسي سرڪار جا حامي مبصر پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي دھشتگرد قرار ڏئي ڪري انھن جي مارجڻ تي اھڙي ريت خوشي جو اظھار ڪري رھيا ھئا ڄڻ اھي خوني سانحي تي جشن ملھائي رھيا ھجن.اھي ۽ حڪومتي عھديدار خوشي جي ڪيفيت کي لڪائي نھ پئي سگھيا،ھاڻي بھ اھي اھڙي طرح گفتگو ڪري رھيا آھن ڄڻ انھن ڪو وڏو جنگي ڪارنامو انجام ڏنو ھجي، جو انھن ڊي چوڪ خالي ڪرائي ورتو.سياسي ميڙ تي ھٿياربند سڪيورٽي فورسز جي آپريشن جو نتيجو اھو ئي ٿي سگھيو پئي.
پي ٽي آءِ کي يقين ھو تھ حڪومت ان حد تائين نھ ويندي جو انھن جا ڪارڪن حياتيون وڃائي ويھن.ھاڻي حڪومت شايد ان خام خيالي ۾ آھي تھ ان پاڪستان تحريڪ انصاف کي چٿي ڇڏيو آھي.جي ائين آھي تھ اھا حڪومت جي وڏي ُڀل ھوندي.ڊي چوڪ جو سانحو ھنن حڪمرانن جو ڏھاڪن تائين پيڇو ڪندو رھندو.ٿي سگھي ٿو تھ انھن جو نسل بھ ان کان متاثر ٿئي.تاريخ شاھد آھي تھ طاقت ۽ دولت جو منفي ۽ ناجائز استعمال حڪمرانن جي لاءِ زھر قاتل بھ ھوندو آھي.
حقيقت اھا آھي تھ حڪمرانن جي انھي طرز عمل کي قومي ۽ عالمي سطح تي جابراڻو عمل سمجھيو ويندو.حڪومت وٽ ان ڳالھھ جي صلاحيت آھي تھ اھا بي بي سي، سي اين اين، الجزيرا،گارڊين ۽ ٻئي عالمي ميڊيا کي پاڪستان ميڊيا وانگر ڪنٽرول ڪري ؟ ڇا ان وٽ اھڙو ڪو اختيار آھي تھ اھا دنيا جي ترقي ڪيل ملڪن جي مرڪزي ھنڌن ۽ اتي جي حڪمرانن جي سرڪاري ۽ ٻين رھائش گاھن ٻاھر پي ٽي آءِ جي ھزارين فردن جي مظاھري کي گوليون ھڻي ڪري ڇڙوڇڙ ڪري سگھي. انھن مظاھرو ڪندڙن کي ڪنٽينر لڳائي روڪي سگھي ؟
پاڪستان جي حڪمرانن کي سکڻ جي ضرورت آھي تھ جھڙي ريت مھذب معاشرن ۾ ماڻھو احتجاجي مظاھرا ڪندا آھن اھڙي صلاحيت ۽ اھڙي جمھوريت جي ضرورت آھي.ھاڻوڪي طريقي واري عمل کي قومي ۽ عالمي سطح تي مڃتا جي توقع ڪرڻ بيوقوفن جي جنت ۾ رھڻ واري ڳالھھ آھي،ماڻھن جي ُچرپر تي پابندي، شھرن کي پڃرو ٺاھي زندگيءَ محدود ڪرڻ ڪنھن سڌريل سماج جي تصوير پيش نٿو ڪري،اھڙي حرڪت ڪندڙ خوشفھمي ۾ مبتلا ٿي ڪري پاڻ کي مٿاھين ھنڌ تي تصور ڪري سگھن ٿا ،فخر بھ ڪري سگھن ٿا.دنيا ڇا سوچي ٿي ان کان بيپرواھ بھ ٿي سگھن ٿا،ٻاھرين ملڪ جڏھن ان تي سوال ٿيندو اتي ان عمل کي ظالماڻو ۽ غيرمھذب ئي تصور ڪيو ويندو.
اھڙي قدم سان ھاڻوڪي حڪومت ۾ شامل حڪمرانن خاص ڪري اتحادي جماعتن جي اڳواڻن کي عالمي سطح تي وڌيڪ نقصان ٿيندو،ظاھري طور تي اھي گوليون يقينن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي لڳيون آھن پر اھو حڪومت پنھنجي مٿان خودڪش حملو ھو،جنھن کي حڪومتي ساک خراب ٿيڻ کان ھاڻي ڪو معجزو ئي بچائي سگھي ٿو.ان طروطريقي سان ملڪ جي اندر عوام ۾ حڪمرانن خلاف وڌيڪ نفرت جا جذبا پيدا ٿيندا.دلين تي حڪمراني ڪڏھن بھ گولي ھلائڻ سان نٿي ڪري سگھجي. ممتازشاعر حبيب جالب چيو ھو تھ ”محبت گوليون سي بو رھي ھو تم،وطن ڪا چھرا خون سي ڌو رھي ھو تم.گمان تم ڪو ڪھ راستھ ڪٽ رھا ھئي.يقين مجھي ڪھ منزل کو رھي ھو“.
مشھور انگريزي چوڻي آھي تھ تشدد سان تشدد جنم وٺي ٿو.فرض ڪريو تھ پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي لڳي ٿي وڃي ۽ ان کي دھشتگرد تنظيم قرار ڏنو وڃي ٿو،خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لڳائي عمران خان کي ڦاھي ڏني وڃي ٿي.ھڪ سرڪاري پاڪستان تحريڪ انصاف ٺاھي وڃي ٿي ان جا ڪيترائي گروپ ٺاھيا وڃن ٿا.ان جو نتيجو ڪھڙو نڪرندو.ڇا ملڪ جو نظام ٺيڪ ٿي ويندو ؟ ملڪ مان دھشتگردي ۽ انتھا پسندي ختم ٿي ويندي ؟ انتھاپسند ۽ ويڙھاڪ تنظيمون ملڪ ڇڏي ھليون وينديون،عدليھ آزاد ٿي ويندي، انصاف جو مان مٿاھون ٿي ويندو،آئين ۽ قانون جي پاسداري ھوندي ؟ آزاد ۽ انصاف ڀرين چونڊن جو نظام رائج ٿيندو ؟ ميڊيا آزاد ٿي ويندو.سرڪاري ادارن مان رشوت جي لعنت ختم ٿي ويندي،جمھوري اصول وڌندا ويجھندا ؟ ملڪ ۾ اخلاقي قدر عام ٿي ويندا،سچ ۽ شرافت جو دور اچي ويندو، مثالي امن امان ٿي ويندو،ماڻھو سرعام روڪ رقم ۽ سون کڻي گھمي سگھندا.ڪو انھن کي ڪجھه نھ چوندو.ماڻھو دڪان کليل ڇڏي ڪري ڪجھه دير لاءِ ويندا تھ ڪو فرق نھ پوندو.ڪنھن کي ڪروڙين رپين جو ٿيلھو بھ ملندو تھ فورن پوليس کي اطلاع ڏئي اصل مالڪ تائين پھچائيندو.ڇا مھانگائي جو خاتمو ٿي ويندو ؟
ائين نھ ٿيندو ھاڻوڪوحڪمران طبقو انھن سڀني معاملن جي ابتڙ ڪم ڪري سگھي ٿو.انھن مان چڱائي جي اميد رکڻ حقيقت کان انڪار آھي.اھو درست آھي تھ پاڪستان تحريڪ انصاف کي وقتي طور تي نقصان پھتو آھي.پر ھاڻي ان ۾ ھڪ ٻي تبديلي ايندي، اھا ڪارين رڍن جو خاتمو ڪندي،پاڻ ئي نئين سر منظم ڪندي.پنھنجي جماعت کي وڌيڪ طاقتور بڻائيندي.ٻئي پاسي ان جي مقابلي ۾ سئو ڀيرا وڌيڪ نقصان حڪومت کي ٿيو آھي.ڇا لاشن کي غائب ڪرڻ سان حڪمرانن جي عزت وڌي وئي آھي ؟ ڇا آئني ترميم سان حڪومت کي عالمي سطح تي شديد تنقيد نھ ٿي آھي.حڪومت جي ساک وڌيڪ خراب ٿي وئي آھي. اٺ فيبروري جي چونڊن کي فراڊ سڏيو ويو.ھاڻي پاڪستان کي اھڙو عجيب ملڪ بڻايو ويو آھي جيڪو گڏيل قومن ۽ عالمي ادارن جي مطالبن جي پرواھ نھ ٿو ڪري ۽ دنيا جي ٻين ملڪن کان ڪٽجي ڪري رھڻ چاھي ٿو، جديد دور ۾ اھو ممڪن نھ آھي.
ھاڻوڪي ڊي چوڪ جي سانحي تي، بي بي سي ايمنسٽي انترنيشنل جي حوالي سان چيو آھي تھ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مظاھرين مٿان سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ظالماڻي ۽ حياتي وڃائڻ واري ھئي. ھڪ ٻي رپورٽ ۾ بي بي سي ٻڌايو تھ ھڪ اسپتال جي عملي ٽن لاشن جي تصديق ڪئي ھئي پر بعد ۾ اسپتال ڪنھن قسم جي معلومات ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.برطانيا جي اخبار دي گارڊين لکيو آھي تھ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز تي الزام آھي تھ انھن شھرين تي فائرنگ ڪئي جنھن سان ڪيترائي ئي ماڻھون مري ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا. ان کان اڳ عمران خان جا لکين حامي اسلام آباد ۾ داخل ٿي ويا ھئا.رپورٽ مطابق 17 ماڻھون مارجي ويا ھئا.نالي نھ ٻڌائڻ جي شرط تي اسلام آباد جي ھڪ اسپتال جي ھڪ ڊاڪٽر ٻڌايو تھ فوتين کي لڪايو ويو آھي ۽ زخمين جو رڪارڊ حڪامن ضبط ڪري ورتو آھي.
پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي وجھڻ ۽ ان کي ورھائي ان جي ٽڪرا ڪرڻ واري مدي خارج حڪمت عملي سان وڌيڪ بي چيني ۽ تباھي ٿيندي،قومون اخلاقي قدر ۽ اتحاد سان ترقي ڪن ٿيون.ڪوڙ ۽ جبر سان بي يقيني ۽ لاقانونيت وڌي ٿي.