سنڌ عورتن لاءِ مقتل گاھ

تحرير: خالده منير

آڳاٽي دور جي تاريخ ڏسجي ان ۾ عورت جي سماجي حيثيت ڏاڍي سگھاري نظر اچي ٿي، جتي هوءَ گهر جي سربراھ ھُئڻ سان گڏ قبيلن جي به نه صرف سربراھ رهي آهي پر فيصلا ڪرڻ جا اختيار به وٽس رهيا آهن، اڳتي هلي مرد پنهنجي بالادستي قائم ڪندي عورت کان سمورا اختيار کسي ورتا ۽ پدرشاهي نظام رائج ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ عورت مڪمل طور مرد جي زيردست ٿي وئي، سندس لباس کان وٺي زندگي گھارڻ جا سمورا اختيار مرد وٽ هليا ويا ، مرد پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪري عورت کي هيڻو ۽ صفا هيٺين درجي تي آڻي بيهاريو ۽ سماجي طور تي عورتن سان جانور کان به بدتر ورتاءُ  ڪرڻ لڳو، ايتري تائين جو مذهبي رسمن جي نالي ۾ ديوين ۽ ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ نوجوان خوبصورت ڇوڪريون بلي چاڙهيون وينديون رهيون.

اسلام کان اڳ عربن ۾ نياڻين کي ڄمندي زنده دفن ڪيو ويندو هو، ھڪ روايت موجب حضرت عمر فاروق رضي الله تعالي عنه جي دور حڪومت جو مشهور واقعو آهي ته مصر ۾ هڪ رسم موجب هر سال نيل درياءَ ۾ نوجوان ڇوڪري جي بلي ڏيندا هئا، انهن جومڃڻ هو ته ڇوڪري جي بلي ڏيڻ سان دريا نيل وهندو رهندو ٻي صورت ۾ درياءَ جو وھڪرو رڪجي ويندو، جڏهن اها  ڳالهه حضرت عمر تائين پهتي ته پاڻ خط لکي مصر جي گورنر عمرو بن العاس جي حوالي ڪيو ته هي خط درياءَ ۾ وجهو دريا وھڻ بند نه ٿيندو،چون ٿا تـ حضرت عمر جو خط درياءَ ۾ وجهڻ کان پوءِ دريا نيل جو وھڪرو بند نه ٿيو.

تاريخ ۾ پدرشاهي نظام کان پوءِ جيڪي عورت سان ڪلور ٿيل آهن، اهي نهايت دکدائڪ ۽ ڇرڪائيندڙ آهن، ڏٺو وڃي ته هڪ طرف دنيا ترقي ڪري وڃي پهتي آهي، پر ٻئي پاسي هن جديد دور ۾ به عورت سان مرد جو سلوڪ وري به ٻئي درجي وارو آهي، مرد ڪنهن نـ ڪنهن صورت ۾ پنهنجي بالادستي قائم رکندو اچي. اڄ به جيڪڏهن اسان سنڌ ۾ عورت جي مقام يا حيثيت جو جائزو وٺنداسين ته تعليم يافته، گهڻ پڙهيو ۽ باشعور مرد به خودمختيار عورت کي برداشت ڪرڻ جي سگھه نٿو رکي. حيلن بهانن سان نه صرف انهن کي ھراسان ڪري ٿو پر بدترين الزام لڳائي ان کي نيچ ۽ هيٺ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل نظر اچي ٿو، ان الميي جو شڪار سنڌ جي عورت وڌيڪ آهي.

جيتوڻيڪ ملڪي آئين ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪيترائي آرٽيڪل موجود آھن ۽ آئين جي روشني ۾ عورت جي بھتري ۽ تحفظ لاءِ ڪيئي قانون پڻ ٺھيل آھن پر بدقسمتي سان اهي قانون صرف دستاويزي شڪل ۾ ڪتابن ۾ ئي موجود آهن، انهن تي عملدرآمد تمام گهٽ ٿو ٿئي، اهوئي سبب آهي جو سنڌ ۾ هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ عورت جو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو وڃي ٿو، جنهن کي غيرت جو نالو ڏئي مقتول عورت جي قاتل کي بچايو ويندو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي پڻ آهي، عورتن لاءِ جيڪي به قانون ٺهيل آهن انهن تي سختي سان عمل ٿيڻ گھربو ھو، ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿيل عورتن جي قاتل کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ته جيئن اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي  اچي سگهي، جيئن ته اسان وٽ وڏيرڪو ۽ جاگيرداراڻو نظام آهي، عورت جي قتل جا فيصلا عدالتن جي بجاءِ وڏيرن جي اوطاقن ۽ قبيلائي سردارن جي جرڳن ۾ ٿيندا هجن ته اتي مقتول عورت کي انصاف ملڻ وارو سوال خود سواليـه بڻجي ٿو وڃي.

مجموعي طور سنڌ ۾ 2024 جي هلندڙ سال ۾ ڪارنهن الزام هيٺ 90 کان مٿي قتل ٿيا آهن جن ۾ ستر سيڪڙو عورتن جا قتل آهن، پاڻ صرف قتل جي ڪجهه واقعن جو هن مضمون ۾ ذڪر ڪنداسين، 23 مارچ 2024 ۾ ڪنڌ ڪوٽ لڳ بڊاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد ڀيو جي علي بخش ڀيو، پنهنجي زال روبينه ڀيو کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، مقتول نياڻي جي والد چواڻي ته منهنجي نياڻي کان مڙس سون گهريو جيڪو هن نه ڏنو انڪار تي کيس ڪوڙو الزام هڻي قتل ڪري لاش درياءَ ۾ اڇلايو ويو، 8 جون 2024 دادلو ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ واهر سانگي ۾ شريفان زال بلو گاجي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو، 21 سپٽمبر 2024 تي نوابشاهه ۾ ڀاءُ پنهنجي ٻن ڀينرن کي بجلي جو ڪرنٽ لڳائي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو مقتول نياڻين جي والده چيو پٽ غيرت ۾ اچي قتل ڪيو، جيڪو والده پنهنجي پٽ کي بخش به ڪري ڇڏيو، ساڳئي ڏينهن چڪ ۾پڻ ڪارنهن الزام هيٺ عورت جو قتل ٿيو، 20 آڪٽوبر 2024 تي ڪراچي م هڪ فليٽ ۾ چئن عورتن جا گلا ڪٽيل لاش مليا، جن کي تيز چاڪو جا وار ڪري قتل ڪيو ويو، پوليس جي جاچ مطابق قاتل گهر جو فرد هو جنهن پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان پنهنجي ماءُ، ٻن ڀينرن ۽ هڪ ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو، هاڻي جيڪڏهن اسان هلندڙ مهيني جي قتل ٿيل عورتن جو ذڪر ڪنداسين ته، 6 نومبر 2024 لاڙڪاڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل ٿيو هٿياربندن ڳوٺ ڪوڏراڻي ابڙو ۾ 50 سالن جي پورهيت نظير احمد ۽ سندس گهر واري فرزانه زنگيجو کي گهر ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي گوليون هڻي قتل ڪيو، بعد ۾ وارثن کي ڳوٺ ۾ لاش دفن ڪرڻ به نه ڏنا ويا جيڪي رات دير سان ڀر واري ڳوٺ ۾ وارثن دفنايا، 13 نومبر 2024 تي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ڳوٺ سجاول جوڻيجو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل ٿيو، تفصيل موجب فيض محمد عرف فيضل عمراڻي ۽ مسمات سرداران جنهن جي عمر 19 سال هئي ڌي علي حسن ماڇي کي سندس والد ۽ سرمد تنيو ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، 18 نومبر 2024 تي گهوٽڪي ڳوٺ غلام رسول سندراڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل ٿيو، ساجد ۽ سلمي سندراڻي کي قتل ڪيو ويو، قاتل سندن چاچو هو.

هاڻي تازو 25 نومبر 2024 تي نيو سيد آباد ۾ ڪميشن پاس 17 گريڊ جي نوڪري ڪندڙ افشا جمالي کي مڙس امدا جمالي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو. دبئي مان تعليم حاصل ڪندڙ ٽن ٻارڙن جي ماءُ افشا جمالي جي والد جو چوڻ آهي ته مڙس لالچي هو هن منهنجي ڌي کان پئسا گهريا جيڪي نه ڏيڻ تان کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته مڙس اڻ پڙهيل هو ڪمائيندو به ڪون هو، ڌي کي بنگلو ۽ گاڏي مائٽن وٺي ڏني هئي پوءِ به نياڻي کي قتل ڪيو ويو، ڏٺو وڃي ته معمولي نوعيت جي واقعن ۾ سنڌ ۾ عورت جو قتل ڳڻتي جوڳي صورت اختيار ڪندو وڃي، جتي عام ڳوٺاڻي عورت مرد جي ستم کان آجي نه آهي اتي اعلي تعليم يافته عورت پڻ ساڳئي ظلم جو شڪار آهي، عورت بابت بڻيل قانون ۽ انساني حقن جون تنظيمون بيوس بڻيل نظر اچي رهيو آهن، سنڌ عورتن لاءِ مقتل گاھ بڻجندي پئي وڃي، ٻئي طرف عورتن جون تنظيمون آواز اٿارين ٿيون ته انهن تي هر طرف کان باهوڙ ڪئي وڃي ٿي، ايستائين جو سندن ڪردار ڪشي ڪئي وڃي ٿي، پر پوءِ به سلام آهي انهن عورتن جي جرئت کي جيڪي هزارين مخالفتن باوجود عورت تي ٿيندڙ ظلم ڏاڍ خلاف آواز اٿارين ٿيون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.