اڄ ڪيميائي هٿيارن جي استعمال سان موت جو کاڄ ٿيندڙ انسانن جي ياد ۾ عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.هي ڏهاڙو پهرين مهاڀاري ويڙهه دوران وڏي پيماني تي ڪيميائي هٿيار استعمال ڪرڻ سان هڪ لک کان وڌيڪ موت جو کاڄ ٿيندڙ انسانن سان ڏک جي اظهار لاءِ ملهايو ويندو آهي. پھرين مھاڀاري جنگ 28 جو لاءِ 1914ع کان شروع ٿي ۽ 11 نومبر 1918ع تائين جاري رهي. هيءُ جنگ يورپ، روس،آمريڪا ۽ وچ ايشيائي ملڪن يا علائقن وچ ۾ لڳي. جنگ جو بنيادي ڪارڻ عالمي طاقت يا مرڪزي طاقت بڻجڻ هو.
هڪ پاسي مکيه طور هيءَ جنگ ”اتحادين“ يعني فرانس، برطانيا، آمريڪا، اٽلي، جاپان، بيلجيم، سربيا، رومانيا، يونان، پورچوگال، مانٽينيگرو ۽ روس وغيره ۽ ٻئي پاسي مُک ”محوري طاقتن“، يعني جرمني، آسٽيليا-/هنگريائي سلطنت، بلغاريا ۽ تُرڪيءَ جا ملڪ هئا.1915ع ۾ جرمنيءَ جي آبدوزن انگلينڊ جي بحري ناڪي بندي شروع ڪري ڇڏي. انگريز فوج اپريل ۾ ترڪي ۾ لٿي، جتان مصطفيٰ ڪمال ان کي شڪست ڏيئي ڊسمبر 1915ع ۾ ڊوڙائي ڪڍيو. اپريل- مئي ۾ جرمنيءَ جنگ ۾ زهريلي گئس استعمال ڪئي.
مارچ ۾ جرمنيءَ جي آبدوزن برطانيه جو مسافر جهاز لوسيٽانيا ٻوڙي ڇڏيو، جنهن ۾ 128 آمريڪي ۽ 11 سؤ ٻيا مسافر مري ويا. هن جهاز ۾ آمريڪا مان برطانيه لاءِ هٿيار ۽ ليٿوينيا تي قبضو ڪري ورتو. جون کان سيپٽمبر تائين هن محاذ تي روس کي شڪست آئي ۽ ان جا ڏهه لک ماڻهو مارجي ويا.فيبروري ۾ جرمن ۽ فرينچ فوجن جي وچ ۾ وردن جي محاذ تي خوفناڪ دوبدو جنگ ۾ تيزي اچي ويئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن مان هر هڪ کي ساڍن ٽن لک فوجين جو جاني نقصان برداشت ڪرڻو پيو.
1917ع ۾ آمريڪا مخالفن کي شڪست ڏئي عالمي مرڪزي سگھه حاصل ڪئي هئي. هيءَ جنگ وڏي تباهي جو سبب بڻي.پهرين عالمي جنگ ۾ آمريڪا جا هڪ لک سورهن هزار ست سؤ اٺ سپاهي مارجي ويا ۽ محوري طاقتن جا 35 لک ماڻهو مارجي ويا. هن جنگ ۾ حصو وٺندڙ يورپي ملڪ ته بلڪل تباهه ٿي ويا. هن مهاڀاري جنگ ۾ لکين ماڻهو ڦٽجي چڪا هئا.ان کان پوءِ وري انگلينڊ مصر سان گڏ عراق تي به حملو ڪيو ۽ فرانس شام ۽ لبنان تي به عراق جو تيل انگلينڊ ۽ ٻين طاقتن لاءِ ضروري ٿي پيو هو. انگلينڊ جا بحري ۽ هوائي جهاز ۽ ٽينڪون تيل تي هلڻ لڳيون هيون، جن لاءِ تيل کپندو هو. ان کانپوءِ پوري مڊل ايسٽ تي تيل جي کوهن جي ڪري برطانيه، فرانس ۽ بعد ۾ تازو آمريڪا قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. ان طرح پهرئين عالمي جنگ مڊل ايسٽ جي تيل وارن ملڪن جي مغربي طاقتن جي هيٺان نئين سر غلامي جو به آغاز ٿي ويو، جيڪا اڄ تائين جاري آهي.جڏهن ته برطانيه، فلسطين جي سرزمين تي قبضي ڪرڻ بعد هڪ ڳجهي ٺاهه ذريعي اهو اڳتي هلي يهودين جي نئين ملڪ اسرائيل جي حوالي ڪري ڇڏيو،اسرائيل فلسطيني شهري آبادي کي فاسفورس بمن سان نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو.عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب فلسطيني عورت جميلا ابوزا نونا ڳالهائيندي چيو ته عزا ۾ اسان خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون، گھرن کان ٻاهر نٿا نڪري سگھون ڇو جو ڪيميائي هٿيارن جو استعمال ٿي رهيو آهي.فلسطيني عورت جو چوڻ هو ته ڪيميائي هٿيارن جي استعمال سبب ٻار مري رهيا آهن، ماڻهو اسپتالن ۽ گڏيل قومن جي اسڪولن ڏانهن وڃي رهيا آهن پر اُهي به محفوظ ناهن اتي به بمباري ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته رفه ڪراسنگ پوائنٽ کي نشانو بڻائڻ کان پوءِ عزا ۾ ڪو به هنڌ محفوظ ناهي، اسان هن وقت بنيادي طور تي هڪ جيل ۾ آهيون جتي هر وقت بم ڪِري رهيا آهن. جنهن ڪري اڄ تائين وچ اوڀر ۾ امن ڪونهي.
بهرحال هر سال 30 نومبر تي جنگي ويڙهه دوران ڪيميائي هٿيارن جي استعمال تي پابندي جو ٺهراء پيش ڪيو ويندو آهي هي ڏهاڙو ڪيميائي جنگ جي متاثرين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو موقعو ڏيندو آهي ان ڏينهن آرگنائيزيشن فار دي پروهيبيشن آف ڪيميڪل ويپنز تنظيم پاران ڪيميائي هٿيارن جي خطري کي ختم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو ويندو آهي هن تنظيم جو نعرو دنيا کي ڪيميائي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ آهي ان ڏس ۾ تنظيم جي ڪوششن تي ان کي 2013ع ۾ امن جو نوبل انعام پڻ ڏنو ويو هو.