اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان علي امين گنڊاپور کي وٺڻ لاءِ گاڏي پهتي ته احتجاج ڪندڙن کيس ڪٿي به وڃڻ کان روڪيو . پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي احتجاج سان گڏ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. خيبرپختونخواهه مان پي ٽي آءِ جو قافلو th7 ايونيو تي ڪلثوم انٽرنيشنل اسپتال جي سامهون موجود آهي. گاڏي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي وٺڻ لاءِ پهتي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي ڪنهن اهم ڪم لاءِ ڪٿي وڃڻو آهي، پر مظاهرين خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي ڪيڏانهن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. ڪارڪنن ڊي چوڪ تي نعريبازي ڪندي علي امين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هن ڀيري اوهان کي فرار ٿيڻ نه ڏينداسين.