مظاهرين جو ڊي چوڪ پهچڻ سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ سميت ڪمپني جي ناڪامي ؟

اسلام آباد/لاهور (معظم فخر/حماد حسن) پي ٽي آءِ جا مظاهرين رنڊڪون هٽائيندي اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ ڊي چوڪ تائين پهچي ويا آهن، اسلام آباد ۾ فوج کي طلب ڪرڻ کانپوءِ فوج کي مظاهرين جي آڏو بيهارڻو هو پر فوج ذريعي لائوڊ تي اعلان ڪرايو ويو ته احتجاج سڀني جو حق آهي، جيڪڏهن پرامن رهندا ته اڳتي وڃي سگهن ٿا. اهڙي اعلان کانپوءِ پوليس ۽ ٻيا ادارا پوئتي هٽي ويا. حڪومت به ان تي بيوس نظر اچي ٿي 8 وفاقي وزيرن سوال ڪيو ته راڻا ثناءُالله مظاهرين کي روڪيو هو ته هاڻي محسن نقوي جي حملي عملي ناڪام ڇو ٿي؟ ان تي وزيراعظم به پريشان ٿيو. لائوڊ تي مظاهرين کي اڳتي اچڻ جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪو مقامي اڳواڻ نٿو ڏئي سگهي، اهو ڪنهن نه ڪنهن اعليٰ اختياري جو حڪم ٿي سگهي ٿو. رياست ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي لاڏلائپ ظاهر ڪري رهيا آهن ۽ وائکا ٿي رهيا آهن. بشريٰ بي بي چئي چڪي آهي ته جيڪڏهن ڊي چوڪ تي احتجاج ناهي ڪرڻو ته عمران خان پاڻ ڪارڪنن کي ڊي چوڪ اچي هدايت ڏئي. پي ٽي آءِ جي احتجاج کان اڳ بشريٰ بي بي کي آزاد ڪيو ويو، ان جو امڪان ئي نه هو ته هو احتجاج ۾ ويندي پر احتجاج ۾ به اچي وئي. مظاهرين کي ته اٽڪ پل تي ئي روڪي سگهجي پيو، ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪنٽينر هڻڻ جي ضرورت نه هئي ۽ ماڻهن کي ڏچي ۾ وجهڻ جي ضرورت نه هئي. جيڪڏهن هو سڀ رنڊڪون ٽوڙي آيا آهن ته هاڻي اڳتي به وڌي ويندا ۽ کين ڪير نه روڪي سگهندو. علي امين گنڊاپور جي حڪومت خلاف به ڪجهه ناهي ڪيو ويو، صوبي ۾ گورنر راڄ جو ڪو به امڪان ناهي. جن علي امين گنڊاپور کي آندو هو اهي کيس هلڻ ڏيندا.پي ٽي آئي جو ھجوم بشريٰ بي بي جي قيادت ۾ ڊي چوڪ پھچي ويو آھي ۽ بشريٰ بي بي انڪشاف ڪيوآھي تھ کيس عمران خان جو خاص پيغام مليو آھي جيڪو ھو ڊي چوڪ تي مظاھرين سان ونڊيندي. مظاھرين جي ڊي چوڪ تي پھچڻ تي محسن نقوي ۽ علي امين گنڊاپور کي چپ لڳي وئي آھي ٻئي پاسي اھو اعلان تھ فوج مقرر ڪئي وئي ھي ۽ شرپسندن کي ڏسندي گولي ھڻڻ جو آرڊر جاري ٿيو آھي ان جو بھ ڪو کڙتيل نڪرندي نظر نھ ٿو اچي پوءِ فوج جا جٿا گشت ڪندي نظر آيا پھريون چيو ويو تھ زيرو پوائنٽ ريڊ لائن آھي وري چيو ويو تھ ڪلثوم اسپتال کان اڳتي ڪنھن کي وڌڻ نھ ڏنو ويندو ۽ جيڪو اھا لائين پار ڪندو سمجھبو تھ ان کي جان پياري ناھي  پوليس ۽ مظاھرين چائنا چوڪ تي آمھون سامھون آھن ۽ پوليس انھن مٿان رٻڙ جون گوليون وسائي رھي آھي شيلنگ ڪئي پئي وڃي. ھڪ پوليس آفيسر  اھوانڪشاف ڪيو تھ ناڪاره شيل آھن جن جو مظاھرين مٿان ڪو بھ اثر نھ ٿو ٿئي پر ڪي پي عوام جي طرفان جيڪي شيل اسان مٿان اڇلايا وڃن ٿا سي نھ رڳو جديد ۽ اثرائتا آھن پر انھن جي رينج بھ وڌيڪ آھي  ان مان ظاھر ٿئي ٿو تھ پاڪستان ڪھڙي صورتحال مان گذري ٿو ۽ ھن وقت ئي بيلاروس جو صدر پاڪستان جي دوري تي آيل آھي. جڏھن تھ ٻاھران آنسو گيس  جو دونھون ھجي  تھ اھو بھ ڪجھ سوچيندو ھوندو. اسٽاڪ مارڪيٽ  ڪري پئي آھي.ھاڻي محسن نقوي جو اھو چوڻ تھ  ڳجھو ھٿ اھو سڀ ڪرائي رھيوآھي تھ اھو ڪافي ناھي. اگر بيرسٽر سيف کي ڳالھيون ڪرڻيون آھن تھ اھو اڊيالا نھ پر بشريٰ بي بي وٽ وڃي. سمورن اعلانن ۽ رياستي طاقت باوجود مظاھرين ڊي چوڪ تي پھچي ويا آھن.پوءِ پشاور موٽروي کي بند ڪرڻ ۽ پنجاب کي ڪنٽينرز سان بند ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ ان باوجود اگر مظاھرين ڊي چوڪ پھچن تھ پوءِ اھو پنھنجو منھن ڪارو ڪرڻ برابر آھي.طاقت جو استعمال ڪرڻ  دوران ڪنھن رتوڇاڻ کان بچڻ جي چڪر ۾ پنھنجا ڇھ ماڻھو مارائڻ ڇالاءِ؟ بس رڳو مظاھرين کي ھٿ ناھي لائڻو .ھي پاليسي تيار ڪرڻ ۾ جيڪي بھ شامل آھن محسن نقوي سميت سڀني کي استعفيٰ ڏيڻ گھرجي چاھي وزيراعظم ھجي يا ڪمپني سرڪار يا حافظ صاحب ھجي سڀني کي استعفيٰ ڏيڻ گھرجي. شڪست کي تسليم ڪرڻ  بھتر آھي بجاءِ اسان ان جا سبب ڳوليون.رياست جا پھريددار ھئڻ باوجود تحفظ نھ ڏيڻ جو ڪھڙو جواز ٿي سگھي ٿو. صرف ڊاڙوڻ ھڻندا رھون ۽ ٻئي پاسي شرپسند اڳرايون ڪندا رھن. ان سموري شڪست جوذميوار  محسن نقوي آھي.ھاڻي جيڪا وڏي فيصلي جي بازگشت ٿي رھي آھي بس ھاڻي اھو رھيل آھي تھ وزيراعظم اسيمبلي ٽوڙي ۽  گھر ھليو وڃي ياحڪومت سرينڊر ڪري ۽ بشريٰ بي بي وٽ ھلي وڃي ۽  ان سامھون گوڏا کوڙي  چون تھ اسان عمران خان  کي آزاد ٿا ڪيون ۽ عمران خان اليڪشن ڪرائي ۽ مرضي جا نتيجا حاصل ڪري. ھاڻي حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ، اشرافيا  وٽ ھاڻي ڪا بھ ٻي جڳھ ناھي بچي.ٽي ڏينھن مسلسل ڪي پي جا ماڻھو ڀلي افغانين جي مدد سان پھچن يا پٺاڻن جي مدد سان پھچن اھا انھن جي ڪاميابي آھي، انھن رياستي طاقت کي شڪست ڏني اھي . ھي محسن نقوي جي جيڪا شڪست آھي سا اسٽيبلشمنٽ جي بھ شڪست آھي. ھن وقت علي امين گنڊاپور پر اسرار طريقي سان  خاموش آھي ۽ بشريٰ بي بي جو خاص دستو علي امين گنڊاپور جي کاٻي ساڄي موجود آھي اھو منٽ منٽ جي رپورٽ بشريٰ بي بي تائين پھچائي ٿو ھو پنھنجي گاڏي يا قافلي کان ٿورو پري وڃڻ جو بھ نھ ٿو سوچي سگھي  ٻئي پاسي بشريٰ بي بي گنڊاپور سميت ڳالھين  واري ڪوششن ۾ شريڪ پي ٽي آئي وارن کي غدار قرار ڏنو آھي ۽ چيو آھي تھ اھي عمران جي ڪاز کي وڪڻڻ ۾ رڌل آھن. بشري بي بي اھو چيو ھي تھ جيستائين عمران خان پاڻ ھتي پھچي اعلان نھ ڪندو تھ ھاڻي فلاڻي ھنڌ تي ھلي ويھبو تيستائين ڪا بھ ڳالھ ٻولھ نھ ٿيندي. اگر ھاڻي ائين ڪيو وڃي ۽ حراست ھيٺ قيدي کي مظاھري ۾ آڻي اعلان ڪيو وڃي تھ ان کان وڌي سوڀ ٻي ڪھڙي بشريٰ بي بي جي ٿيندي.سخت پيغامن باوجود عمران خان جي  ڪن تي جونءِ بھ نھ چري .عمران اسٽيبلشمنٽ سامھون اچي بيٺو آھي ھن موقعي تي نوازشريف جي لنڊن ۾ ڪيل ھڪ ڳالھ ياد ٿي اچي جڏھن کيس آفر ڪئي وئي تھ ھن چيو ھيو تھ ھي توھان جو گند آھي ۽ توھان پاڻ صاف ڪيو.ھاڻي اھو گند انھن ڌرين کان بھ صاف نھ پيو ٿئي.ھي رياستي قوتن جي وڏي ناڪامي ٿي آھي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 27 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.