ڪراچي ۽ اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ سست

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۽ اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ جي سست رفتاري سبب مختلف ڪاروباري طبقن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، 24 نومبر کان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ جي رفتار انتهائي سست آهي، جنهن سبب اڪثر ماڻهن کي واٽس اپ سميت سوشل ميڊيا جي ٻين پليٽ فارمن کي استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، انٽرنيٽ جي سست رفتاري سبب ميڊيا  هائوسز ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ به وقت تي مواد پهچائڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا آهن جڏهن ته ٻين آن لائين ڪاروباري ماڻهن ۽ تنظيمن کي به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.