اسلام آباد(بيورو رپورٽ/ م ڊ) گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي قيادت ڳالهيون چاهي ٿي پر ان جي پويان ڳجهي قيادت آهي جيڪا هر شيءِ کي ڪنٽرول ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته آءِ جي کي اختيار آهي ته هو فيصلو ڪري ته انهن کي ڪيئن سنڀاليو وڃي، اسان احتجاج ڪندڙن کي ضمانت جي آڇ ڪئي پر اهي ڳالهيون ڪري پوءِ وقت ملڻ تي اڳتي اچي ٿا وڃن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سموري قيادت رتوڇاڻ نه ٿي چاهي پر ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي، رڳو هڪ ڳجهي قيادت بيٺي آهي جيڪا هر شيءِ کي ڪنٽرول ڪري رهي آهي، مان سمجهان ٿو ته پي ٽي آءِ سان دوکو ٿيندو، ڳجهو هٿ ڪامياب نه ٿيندو، سندس ايجنڊا ڪجهه ٻي آهي ۽ اها ئي فساد جي پاڙ آهي. محسن نقوي چيو ته گذريل ڏينهن 4 شهيدن ۾ 3 رينجرز اهلڪار ۽ هڪ پوليس اهلڪار شامل آهي، 2 رينجرز، 5 پنجاب پوليس اهلڪارن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 2 اي ايس پي ۽ هڪ ايس پي سخت زخمي آهن، جڏهن ته پنجاب پوليس جا 70 اهلڪار زخمي ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جو سمورو قافلو ڪي پي ڪي مان آيو آهي، پوليس چئي رهي آهي ته مظاهرين وٽان ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل اچي رهيا آهن، اهي شيل ڪي پي ڪي حڪومت ڏنا هئا. گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته هاڻي ڳالهيون نه ٿينديون. ڊي چوڪ تي سڌ سماءَ واري وزير عطاءُ تارڙ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته سڀني ڏٺو ته احتجاج ڪيترو پرامن هو، ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان لاش کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هڪ عورت ٻن ڏينهن ۾ ٿيل نقصان جي ذميوار آهي، هوءَ غريب جي ٻار کي ڍال بڻائي ڇڏيو آهي.. ان موقعي تي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته شوٽنگ تمام آسان ڪم آهي، هڪ شاٽ ماريو ته سڀ صاف ٿي ويندا.