سکر /روهڙي (رپورٽ:آزاد مهر/زين ڪٽپر ) روهڙي جي ڀرواري علائقي جھانگڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ خرم جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن هٿياربند ڌرين دارا جاگيراڻي ۽ گلشير جاگيراڻي ۾ 4 مهينا اڳ مينهن جي چوري تان شروع ٿيل خوني جهيڙو اڃا تائين جاري آهي، گذريل رات دير سان هڪ ڀيرو ٻيهر جاگيراڻي برادري جي هٿياربندن جديد ۽ خطرناڪ هٿيارن سان ليس ٿي هڪ ٻئي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ دارا جاگيراڻي واري ڌر جو 23 ورهين جو عبداللطيف جاگيراڻي گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي قتل ٿي ويو ۽ خادم ولد علي شير جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال روهڙي منتقل ڪيو، جتان مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، ڌرين ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ دوران هينئر تائين مجموعي طور تي ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن ۽ حملن ۾ فائرنگ دوران هڪ پوليس اهلڪار،هڪ عورت ۽ هڪ ننڍڙي ڇوڪري سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا.