پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف چيو آهي ته بشريٰ بي بي صف اول جي ليڊر جو ڪردار ادا ڪيو،بشريٰ بي بي ڊي چوڪ کان علاوه ٻئي ڪٿي احتجاج ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،عمران خان سنگجاني ۾ ڌرڻي تي راضي هو،ضد ۽ هٺ ڌرمي نه هجي ته اسان ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪري سگهون ٿا، ٻئي پاسي بي بي سي موجب احتجاج جي قيادت بشريٰ بي بي ڪري رهي آهي،هو ڪارڪنن کي خطاب ۾ ساٿ ڏيڻ جو وچن وٺي رهي آهي،سياسي حلقن ۾ اهو بحث شروع ٿي ويو آهي ته هن جي سياست ۾ باقاعده انٽري آهي يا هوءَ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ عمران خان جي کوٽ پوري ڪري رهي آهي؟ تجزئي نگار سلمان غني چيو ته پي ٽي آءِ جي اسلام آباد مارچ ۾ بشريٰ بي بي جو ڪردار ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته هوءَ ماضي وانگر مستقبل ۾ به پارٽي ۽ ملڪي سياست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، ماضي ۾ به هو پردي پٺيان رهي سياسي معاملن ۾ ڪردار ۽ فيصلا سازي ڪندي رهي آهي،عمران خان جي دور ۾ پنجاب ۾ سمورن سياسي ۽ انتظامي عهدن تي پنهنجي مرضي جا ماڻهو لڳرائيندي هئي،