ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بئنچن جي مامري کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني درخواستن جو سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو آهي. سرڪلر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آئيني بئنجن جي ٺاهڻ کان پوءِ آرٽيڪل 199جي سب سيڪشن هڪ جي پيراگراف اي،سي ۽ آءِ جي تحت درخواستن جي ٻڌڻي آئيني بئنچ ڪندو .آئيني بئنچ جي آرٽيڪل 2002اي جي تحت ڪميٽي جي پاران نامزد ڪيو ويندو .لاڳاپيل درخواستون آئيني بيئنچ منتقل ڪيون وينديون. سرڪلر جي ڪاپيون سرڪٽ بئنچ، سيڪريٽري ، سنڌبارڪائونسل سميت ٻين کي موڪليا ويا.
-
ملڪي سياسي ڇڪتاڻ سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش
ڪراچي (رپورٽر) اسلام آباد ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ جي خراب اثرن جي نتيجي ۾ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ (پي ايس ايڪس) ڪريش ٿي وئي. ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 3505 پوائنٽس کان وڌيڪ جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ واپار جي شروعات ناڪاري زون ۾ ٿي ۽ هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 97 هزار 361 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. واپار جي پڄاڻي تي بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 3 هزار 505 پوائنٽس (3.71 سيڪڙو) جي گهٽتائي سان 94 هزار 574 پوائنٽس جي هيٺين سطح تي بند ٿيو.
-
ڪرم ۾ جنگ بندي باوجود ڇڪتاڻ برقرار، غذائي بحران
پشاور (م ڊ) ضلعي ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي حملي جي وڌيڪ هڪ زخمي دم ڏئي ڇڏيو جنهن کانپوءِ فائرنگ واقعي ۾ مارجي ويلن جو انگ 50 ٿي ويو. ڌرين ۾ تازي جهيڙي دوران وڌيڪ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 19 ڄڻا زخمي ٿي پيا. 5 ڏينهن دوران فائرنگ جي واقعن ۾ مارجي ويلن جو مجمموعي انگ 88 ٿي ويو ۽ 111 زخمي ٿي چڪا آهن. ضلعي ۾ جنگ بندي جي باوجود مختلف علائقن ۾ ڇڪتاڻ برقرار هجڻ سبب کاڌ خوراڪ جي شين ۽ ٻارڻ جي کوٽ پيدا ٿي پئي. ڇڪتاڻ سبب روڊ رستا ۽ تعليمي ادارا بند آهن. ٻئي پاسي بدامني خلاف مختلف تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
-
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران آئيني درخواستن جي ٻڌڻي کان معذرت
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ جڊيشل ڪميشن پاران آئيني بينچ قائم ڪرڻ کان پوءِ عدالت آئيني درخواستن جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، عدالت ۾ ايس بي سي اي جي معاملي تي درخواست جي تڪڙي ٻڌڻي جي درخواست ڪئي وئي هئي . درخواستگذار جي وڪيل چيو ته منهنجو ڪيس آرٽيڪل (2) 199 تحت اچي ٿو .جڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچ لاءِ 9 ججن کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي.ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين چيو ته آئيني بئنچ صوبائي يا وفاقي حڪومت کي ڪارروائي کان روڪڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس صلاح الدين چيو ته توهان جسٽس ڪي ڪي آغا کان اجازت ورتي، اسان مشروط اجازت ڏئي رهيا آهيون، پهرين عدالتي آفيس فيصلو ڪندي ۽ ريگيولر بينچ ٻڌنڌي يا آئيني بئنچ ان جي ٻڌڻي ڪندي .عدالت نيب جي نوٽيسز، اڪائونٽس بند ڪرڻ، تحفظ ڏيڻ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۽ ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي کان به معذرت ڪري ڇڏي آهي،عدالت درخواستن جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي .
-
اهڙو ڪريڪ ڊائون نه ٿيڻ گهرجي جو پي ٽي آءِ کي ٻارڻ ملي: راڻا ثناءُالله
اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناالله چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو هڪ ٽارگيٽ ڊي چوڪ پهچڻ ۽ ٻيو ماڻهو مارائڻ آهي، اسين ماڻهو مارڻ نه ڏينداسين، حڪومت جو ڪم آهي ته ڌرڻي واران کي ماڻهو مارڻ نه ڏي ۽ اهڙو ڪريڪ ڊائون نه ٿيڻ گهرجي جنهن سان پي ٽي آءِ کي تيل ملي، هن چيو ته مظاهرين کي ڊي چوڪ پهچڻ کان ٽن هنڌن تان روڪي پئي سگهياسين، مون کي نه ٿو لڳي ته پي ٽي آءِ موجوده صورتحال کي گهڻو عرصو برقرار رکي سگهندي، وزيراعظم چار هفتا اڳ غيرمشروط ڳالهين جي آڇ ڪئي هئي، پر پي ٽي آءِ باني ڳالهين کان انڪار ڪيو.