ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر عارف علوي جي ڏندن جي اسپتال سيل ڪرڻ جو ڪيس داخل جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيوآهي .عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ايس بي سي اي اسپتال سيل ڪرڻ کان اڳ درخواست ڪندڙ کي ڪو به نوٽيس نه ڏنو .عدالت چيو ته درخواستگذار کي ايس بي سي اي پاران وضاحت پيش ڪرڻ جو مناسب موقعو نه ڏنو ويو، جيڪو بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ايس بي سي اي 3 آڪٽوبر تي اسپتال کي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي . عدالت حڪم ۾ چيو ته ايس بي سي اي عارف علوي جي ڏندن جي اسپتال کي فوري طور تي کوليو وڃ .عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته درخواست گذار پلاٽ جي حيثيت جي تبديلي لاءِ 10 ڏينهن اندر ايس بي سي اي سان رابطو ڪري، عدالت چيو آهي ته پلاٽ بابت ايس بي سي اي جي درخواست تي 45 ڏينهن ۾ فيصلو ٻڌائيندي.