سکر (رپورٽر ) صوبائي وزير توانائي، رٿا بندي ۽ ترقي سيد ناصر حسين شاهه چيو آھي ته پيپلز ھائوسنگ پروگرام بابت تمام گھڻيون شڪايتون مليون آھن ، بي ضابطگين جو ازالو ڪيو وڃي ۽ ملوث ماڻھن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرايون وڃن، ٻوڏ متاثر ڪمزور آھن ، اھي شڪايتون يا ايف آئي آر داخل ڪرائڻ جي طاقت نه ٿا رکن ته ٽنھي ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ، سرسو ۽ ھينڊس وارا اڳتي اچن. توانائي ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين ڪمشنر آفيس ۾ پيپلز ھائوسنگ پروگرام ۽ سولرائزيشن پروگرام بابت گڏجاڻي ڪندي چيو ته ٻوڏ سٺيلن جي گھرن جي تعمير چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آھي ، ٻوڏ سبب ٻين صوبن ۾ به وڏي تباهي آئي ۽ نقصان ٿيو ھو، پر گھرن جي ٻيھر تعمير صرف سنڌ ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي شروع ڪئي وئي ، هن چيو ته پروگرام کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وزير اعلي’ سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ سنڌ ڪابينا ڪوششون وٺي رھي آھي ، جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون سخت هدايتون آھن ته ان پروگرام کي اونرشپ ڏني وڃي. هن چيو ته پيپلز ھائوسنگ پروگرام ۾ فنڊز جو ڪوبه مسئلو ناھي ، دير ٻوڏ متاثرن جا بينڪ اڪائونٽس نه کلڻ سبب ٿي ،فنڊز جي ڪابه کوٽ ناھي ، سنڌ حڪومت پنھنجي حصي جا پئسا پھرين سال ئي ڏئي ڇڏيا هئا، ڊونر ايجنسين پڻ رقم منتقل ڪري ڇڏي آهي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪاوشن سان وفاقي حڪومت پڻ پنھنجي حصي جي پھرين ٽرانچ ڏئي ڇڏي آھي.