ابراهيم حيدري ويجهو ٻيڙي اونڌي، هڪ ڄڻو ٻڏي فوت، 4 ڄڻن کي بچايو ويو

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو)  ابراهيم حيدري ويجهو عربي سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻيڙي ۾ سوار 6 ڄڻا  ٻڏي ويا، اطلاع تي مقامي ٽوٻن ۽ ماهيگيرن پنهنجي مدد پاڻ ٻڏي ويل چئن ڄڻن کي بچائي ورتو، جڏهن ته هڪ ٻيڙي سوار جو لاش پڻ هٿ ڪيو ويو، ٻڏي ويل هڪ ڄڻي جي ڳولا جاري آهي، ريسڪيو ڪيلن ۾ حماد، پرويز، وقاص ۽ علي محمد شامل آھن جڏهن ته فوت ٿي ويل جي سڃاڻپ عابد جي نالي سان ٿي، هوڏانهن ٻڏي ويل هڪ ڄڻي سمير جي ڳولا جاري آهي، ان ڏس ۾ ماهيگير اڳواڻ يونس خاصخيلي رابطو ڪرڻ تي صحافين کي ٻڌايو ته حادثي جو شڪار ٻيڙي سوار جو تعلق ڊفينس جي علائقي سان آهي جيڪي ڀنڊار ٻيٽ تي يوسف شاهه درگاهه جي ميلي تي وڃي رهيا هئا جيڪي رستو ڀلجڻ سبب ساڻن حادثو پيش آيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.