پي ٽي آءِ احتجاج:شرپسندن رينجرز اهلڪارن مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي، 4 اهلڪار شهيد، 5 زخمي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ )اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اعلانيل احتجاج دوران شرپسندن رينجرز اهلڪارن مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
اسلام آباد ۾ سري نگر هاءِ وي تي پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران شرپسندن رينجرز اهلڪارن مٿان چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويا، واقعي ۾ رينجرز جا 4 ۽ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو.
واقعي بعد زخمي اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ذريعن موجب، هنيئر تائين هڪ سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.