اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جو احتجاج، آمريڪا جو ردعمل اچي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته پاڪستان جي قانونن ۽ آئين جي احترام کي يقيني بڻائڻ سڀ کان اهم آهي، آمريڪا پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اظهار جي آزادي ۽ پرامن احتجاج جي حمايت ڪري ٿو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ دوران هو احتجاج ڪندڙن کان مطالبو ڪن ٿا ته هو پرامن احتجاج ڪن، تشدد کان پاسو ڪيو وڃي.
ميٿو ملر چيو ته پاڪستاني اختيارين کان انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي احترام جو مطالبو ڪن ٿا.
هن چيو ته پاڪستان جي قانون ۽ آئين جو احترام يقيني بڻائڻ ضروري آهي،پاڪستاني قانون امن امان قائم رکڻ لاءِ ڪم ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.