اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گھرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته هو سخت قدم کڻڻ نٿا چاهين، ريڊلائين ڪراس ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، رياست کي ٿيندڙ نقصان جا ذميوار احتجاج جو سڏ ڏيندڙ آهن.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گھرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته هو اڳ ئي ٻڌائي رهيا آهن ته کين مجبور ڪيو ويو ته هو سخت قدم کڻندا.
هن چيو ته ڪجهه دير اڳ 26 نمبر چونگي تي پوليس اهلڪار کي زخمي ڪيو ويو جنهن اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، پوليس اهلڪار جي شهادت جو ڪيس احتجاج ڪندڙن تي داخل ڪيو ويندو.
هن چيو ته رياست کي ٿيندڙ نقصان جا ذميوار احتجاج جو سڏ ڏيندڙ آهن، اسلام آباد ۾ جيڪو به آيو گرفتار ٿيندو، سندن ڪوشش آهي ته گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي، ته نقصان جي ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويندو.
گھرو وزير چيو پي ٽي آءِ کي سنگجاني ۾ احتجاج جي آڇ ڪئي آهي. پي ٽي آءِ وارن ٻه ڀيرا اڊيالا جيل وڃي ملاقاتون ڪيون آهن.
هن چيو ته اطلاع آهن ته باني به ان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي پر پي ٽي آءِ اڃا تائين حتمي جواب ناهي ڏنو.