وزارتن جي تبديلي سان ڪارڪردگي تي فرق ناهي پوندو:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ملڪ ۾ افراتفري ۽ انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومتون جڏھن  چونڊيون  وينديون آھن تھ اُنھن جو ڪم عوامي خدمت، تڪ جي حقن لاءِ ڪم ڪرڻ ھوندو آھي، چونڊيل حڪومتن جي اوليت اھا ھجڻ گھرجي تھ  ڪنھن بھ ريت عوام جي  اميدن تي پورو لھجي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار  قائم ٿيڻ شرط وڏي وزير ۽ سندس پوري ٽيم کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري واضح ھدايتون  ڏنيون تھ عوام سان اليڪشن ۾ جيڪي واعدا ڪيا ويا ھُئا، اسان کي اُنھن کي پورو ڪرڻو آھي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب  ڪندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ عوام کي اھا ڳڻتي ناھي تھ ڪير ڪٿي آھي، عوام کي رڳو اھا ڳڻتي آھي تھ مھانگائي جي ھن دور ۾ سندس مسئلا حل ٿيڻ گھرجي، ملڪ جا ڪاروباري ماڻھو، ھاري، پورھيت، ھر مڪتب فڪر جا ماڻھو رليف چاھين ٿا، پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار اچڻ شرط ھارين جي لاءِ ڪسان ڪارڊ جاري ڪيا. ھن چيو تھ پاڻي جي منصوبي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح چيو آھي تھ ڪابھ شئي جيڪا تڪراري آھي، اُھا نھ ٿيڻ گھرجي ۽ ڳالھين ذريعي مسئلا حل ڪيا وڃن، جيستائين ڪنھن بھ منصوبي تي ڪنھن بھ صوبي کي اعتراض آھن اھڙو منصوبو شروع نھ ڪيو وڃي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار پاران سولرائزيشن ذريعي ماڻھن کي مفت بجلي جي فراھمي جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي، 21 لک بي گھر ماڻھن جا گھر ٺاھيا پيا وڃن، پيپلز پارٽي ڏينھن رات ڪوششون وٺي رھي آھي تھ اُن منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي،صحت ۽ تعليم جي ميدان ۾ صحت واري وزير ۽ تعليم وارو وزير ۽ سندن پوري ٽيم ڪوششون وٺي رھي آھي تھ عوام کي وڌ کان وڌ سھولتون فراھم ڪيون وڃن، تعليم جي شعبي کي بھتر ڪيو وڃي. ھن چيو تھ سنڌ سرڪار پھريان اي وي بسون متعارف ڪرايون، ريڊ لائن بي آر تي ۽ يلو لائين بي آر ٽي تي ڪم ھلي رھيو آھي، حڪومت اي وي ٽيڪسيز آڻڻ جو بھ منصوبو بھ رکي ٿي تھ جيئن بيروزگار نوجوانن کي روزگار ملي سگھي، سنڌ سرڪار جا سمورا کاتا پنھنجن شعبن ۾ ڪوششون وٺي رھيا آھن.  سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ بدقسمتي سان ھڪ صوبي ۾ 90 کان وڌيڪ شھادتون ٿيون پر اُن صوبي جو وڏو وزير ھن وقت ڪٿي آھي؟ سرڪاري مشنري ۽ وسيلا ھن وقت ڪٿي استعمال ٿي رھيا آھن، ڇا اُن حڪومت اُنھن ماڻھن جي داد رسي ڪري رھي آھي جن جا پيارا قتل ڪيا ويا يا اھا حڪومت وقت وفاقي گادي واري شھر تي يلغار ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رھي آھي، اھا ئي سندن اوليت آھي. ھن چيو تھ گذريل 12 ورھين کان خيبر پختونخواھھ تي پي ٽي آءِ جي حڪومت آھي، ڇا اھا حڪومت  پنھنجو ڪو وڏو منصوبو ٻڌائي سگھي ٿي، خيبر پختونخواھھ ۾ دھشتگردي جا اندوھناڪ واقعا ٿا، آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪيو ويو، بنون جو جيل ٽوڙيو ويو، عوام کي ڪو رليف نھ مليو، خيبرپختوخواھھ جي ماڻھن جي جيڪڏھن روزگار ملي ھا تھ اھا روزگار جي ڳولا ۾ سنڌ يا ٻين صوبن ڏانھن نھ وڃن ھا، ھن وقت ٻيھر انتشار جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسٽاڪ مارڪيٽ پلس پوائنٽ ۾ اچي وئي آھي پر ھن انتشاري ٽولو ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاھي ٿو، ھڪ غير ملڪي صدر ملڪ ۾ موجود آھي ۽ ھي ملڪ ۾ ڏڦيڙ جي سياست جو پيغام ڏئي رھيا آھن. ھن چيو تھ پي تي آءِ جو ھڪ مطالبو عوام جي لاءِ ناھي، اُھي رڳو عمران خان کي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ نڪتا آھن، ماڻھو ھنن جي سڏ تي ھاڻي ٻاھر بھ نھ ٿا نڪرن، ماڻھو کانئن بيزار ٿي چُڪا آھن، ماڻھن کي ڏڦيڙ جي سياست ۾ ڌڪڻ کان پاسو ڪن، عوام کي روزگارم علاج، تعليم، مسئلن جو حل ۽ رليف گھرجي، عوام کي ڏڦيڙ، دھشتگردي، گار گند جي سياست نھ گھرجي،هن چيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ليڊر شپ صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپور کي گرفتار ڪيو ويو، اسان اُن تي ڪوبھ غير قانوني قدم نھ کنيو، سنڌ ۾ اسان جي حڪومت ھُئي، پر اسان وفاقي گادي واري شھر تي چڙھائي يا حڪومتي مشنري استعمال نھ ڪئي. ھن چيو تھ ماڻھن جي گھرن ۾ جنازا پيا آھن،  پر ڪي پي جي حڪومت پاان ڪو بھ سندن گھرن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناھي، اُتان جي حڪومت ماڻھن کي اتساھي رھي آھي تھ اُھي وفاقي گادي واري شھر تي حملو ڪن، گنڊاپور جي جلسن جلوسن ۾ استعمال ٿيڻ واري پوليس پاران چنار ۾ ڇو مقرر نھ پئي ڪئي وڃي. سينئر وزير چيو تھ عوام 24 نومبر تي احتجاج جي سڏ کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آھي، ڪو بھ شھري سندن احتجاج جي لاءِ رضاڪاراڻي طور نھ نڪتو آھي، سندن عھديدار پنھنجا ماڻھو ڪجھھ گاڏين ۾ وٺي ويا آھن، عوام باشعور آھي، عوام ھن انتشاري ٽولي جي سڏ کي مڪمل طور تي ٿڏي ڇڏيو آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو تھ پي ٽي آءِ جي باني جي چوڻ تي سندس گھر واري بشريٰ بي بي سعودي عرب جي حوالي سان شرمناڪ بيان ڏنو، سندس اُن بيان کان پوري پارٽي لاتعلقي جو اظھار ڪيو آھي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن  چيو تھ ھڪ شخص جيل ۾ ويھي چاھي ٿو تھ اھڙي قسم  ڏڦيڙ ھُجي جو ماڻھن جي زندگين لاءِ مسئلا پيدا ٿين. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن  چيو تھ ڪينالن جي باري ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو واضح اعلان پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جي پاليسي آھي، ھارين جي حقن تي سنڌ سرڪار ڪنھن بھ قسم جي سوديبازي نھ ڪندي، ڪينالن جي باري ۾ چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري جو بيان ئي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار جو موقف آھي، سنڌ جي وڏي وزير اُن بابت وفاقي حڪومت کي خط بھ لکيا آھن، تڪراري رٿائن تي سنڌ سرڪار سدائين مضبوط موقف رکيو آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ پيپزل پارٽي ڪڏھن بھ ڳالھين جي مخالفت ناھي ڪئي،  ڳالھين جي آڙ ۾ سڀني کان وڏي رنڊڪ پي ٽي آءِ پاڻ رھيا آھن، روزانو بنيا بدلائڻ واري رويي سان عمران خان پاڻ تڪراري ترين شخص بڻجي چُڪو اھي، عمران خان جي آزادي جو فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آھي،  گن پوانئيٽ تي ڳالھيون مڃرائڻ جو لاڙو پاڪستان ۾ ڪڏھن بھ ناھي رھيو، جيڪڏھن ڪو ايئن سمجھي ٿو تھ پوءِ سڀاڻي طالبان بھ اھوئي ڪم شروع ڪري ڏيندا، جيڪو ڪم اڄ پي ٽي آءِ ڪري رھي آھي. ھڪ  ٻئي سوال جي جواب ۾ هن  چيو تھ پيپلز پارٽي پاڪستان جي ھڪ ھڪ زمين انچ کي آباد ڪرڻ چاھي ٿي، ٿر ۾ بصرن جو بمپر فصل لٿو آھي، ٿرپارڪر ۾ ھارپي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ کي ممڪن بڻايو پيو وڃي. ھن چيو تھ ٽرانسپورٽ جي زمينن کي، سرڪاري  توڙي خانگي قبضن کان آجو ڪرايو ويندو، منھنجي اڳيان ڪنھن بھ آئيني ترميم جي ڳالھھ ناھي آئي، وزارتن جي تبديلي سان ڪارڪردگي تي فرق ناھي پوندو، اسان جا سمورا وزير ڀرپور نموني ڪم ڪري رھيا آھن،هن  چيو تھ رٿائن جي خرچن ۾ شيخن جي قيمتن ۽ يوٽيلٽي بلز جي تبديلي جي حوالي سان سدائين ڏکيائيون اينديون رھنديون آھن، خاص طور تي آباد علائقن ۾ اُن حوالي سان وڏي ڏُکيائي ٿيندي آھي، نگران حڪومت ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي تي ھڪ انچ بھ ڪم نھ ٿيو، جنھن جي ڪري اُن منصوبي ۾ دير ۽ مشڪلاتون پيدا ٿيون، پر ھاڻي ھي پروجيڪٽ ٻيھر شروع ڪيو ويو آھي ۽ انشا الله ان کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، رٿائن جي خرچن جو ڪاٿو ٽينڊر کان بعد ئي ڏئي سگھجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.