قاضي احمد ( ن ع آ ) قاضي احمد لڳ لنڊي شاخ اسٽاپ تي سڱاوتي تڪرار تان ھوٽل تي ويٺل ڳوٺ ٻيڙو خان زرداري جي رھواسين تنوير زرداري ۽ دوست محمد زرداري تي ھٿياربندن جي فائرنگ. گوليون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو تنوير زرداري قتل ٿي ويو ۽ ھڪ ڄڻو دوست محمد زرداري سخت زخمي ٿي پيو.فوتي جو لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو.جتي زخمي دوست محمد زرداري جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري کيس نواب شاھ منتقل ڪيو ويو.وارثن موجب سوٽن سان پراڻو سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھو.جوبدارن ھوٽل تي ويٺل تنوير ۽ دوست محمد زرداري تي ھٿيارن جي فائرنگ سان حملو ڪيو گوليون لڳڻ سبب ھڪ تنوير قتل ٿي ويو ۽ دوست محمد سخت زخمي ٿيو آھي.