ملڪ ۾ زرعي سڌارن  جي بحالي جو مقدمو

تحرير: علي محمد ميمڻ

دنيا جي سمورن سڌريل ۽ خوشحال ملڪن ۾ جاگيراداري نظام ۽ وڏين زميندارين جو خاتمو ڪيوويو آهي زرعي زمينن کي زرعي سڌارن  جي ذريعي جاگيرن جي جاگيردارن ۽ وڏن زميندارن وٽ زمينن جي وڏين ايراضين کي رياست ۽ حڪومتن طرفان  واپس وٺي هرهڪ خاندان کي  ان جي ضرورت موجب زمين جي حد مقرر ڪري ڏيڻ بعد باقي زمينون  بي زمين هارين ۽ آبادگارن ۾ ورهائي پنهنجن ملڪن ۽ معاشرن کي خوشحالي جي رستي تي وڌو ويو آهي. انهن ملڪن ۾ زراعت ۽ زرعي شعبن ۾ انقلابي ترقي ٿي آهي ۽ وڌ ۾ وڌ آبادي ۾ خوشحالي آئي آهي ۽ انهن ملڪن ۾ في ايڪڙ پيداواري اپت تمام گهڻي وڌي آهي ۽ انهن ملڪن ۾جديد تحقيق جي ذريعي اتي دنيا جي بهترين فصلن جي پوک کي رواج ڏنو ويو آهي ۽ هاڻي انهن ملڪن ۾ زرعي سماج ۾ زرعي پيداوار تي ٻڌل صنعت ڪاري ، واپار ۽ مختلف ڪاروبارن ۾ تيزي سان ترقي ٿي آهي ۽ اهي ملڪ دنيا ۾ خوشحال ملڪ ٿي ويا آهن. جڏهن ته اسانجي ملڪ ۾ دنيا جي ترقي جي ابتڙ عملي طور تي اڃا تائين جاگيرداري نظام پنهنجي سموري بدنمائين ۽ خرابين سميت هلي رهيو آهي.

اسانجي ملڪ ۾ ٻه ڀيرا زرعي سڌارا ڪيا ويا جنهن موجب پهريون ڀيرو صدرجنرل ايوب خان جي دور ۾ 1959ع ۾ زرعي سڌارا ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ وڏو قدم هئا جنهن جاگيرن تي مالڪاڻو حق ختم ڪري انهن کي رياست جي ملڪيت  ۽ انهن تي حڪومت جي اختيارن جو حصو بڻايو ويو ۽ جنهن سان جاگيرداري نظام کي ڌڪ ته ضرور رسيو، پر اهي زرعي سڌارا هن نظام کي مڪمل طور ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ڇو ته 1959ع وارن زرعي سڌارن کان پوءِ به گهربل مقصد اڃا پوريءَ ريت حاصل نه ٿيا هئا ۽ انهيءَ عرصي ۾ شهري آباديءَ ۾ اهو شعور اچي چڪو هو ته عوامي استحصال ۽ سماجي خرابين جو ذميوار جاگيرداري آهي، جنهن ڪري ملڪ جي 80 سيڪڙو آبادي متاثر هئي ۽ شهري آباديءَ طرفان زرعي سڌارا ڪرڻ بابت مسلسل مطالبا وڌي رهيا هئا.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي پهرين دور  وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي  حڪومت ۾ مارچ 1972ع ۾  زرعي سڌارن جو قانون پارليامينٽ مان منظور  ٿيو ۽ انهيء قانون موجب ملڪ ۾ زرعي سڌارا ڪيا ويا ۽ زرعي زمينن جي وڌ ۾ وڌ مقرر ڪئي ويئي  ۽ ان موجب آبادگارن ۽ بي زمين هارين ۾ زمينون ورهايون ويون ۽ انهن کي مالڪاڻا حق ڏنا ويا. انهيءَ دور ۾ ٿيل زرعي سڌارن ۾ 1959ع جي نسبت ڪجهه واضح تبديليون لاڳو ڪيون ويون، جنهن تحت : (1) زمين جي ملڪيت جي حد 500 ايڪڙن کان گهٽائي 150 ايڪڙ مقرر ڪئي وئي ۽ باراني يا برساتن تي آباد ٿيندڙ زمين جي حد  1000 ايڪڙن مان گهٽائي 300 ايڪڙ  في خاندان مقرر ڪئي وئي.(2)   حڪومت ڪنهن به معاوضي جي ادائگيءَ کانسواءِ اضافي زمين ضبط ڪري سگهندي.(3) هارين ۽ ننڍين آبادگارن کي بنا معاوضي زمين فراهم ڪئي ويند ۽ (4) زميندارن ۽ هارين وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي جي نئين سر تشڪيل جنهن هيٺ هارين کي بي دخل ٿيڻ کان تحفظ ڏنل هوندو. انهن زرعي سڌارن جي ذريعي هرهڪ خاندان کي 150 ايڪڙ آبپاشي يا 300 ايڪڙ غير آبپاشي يا زمين جي مالڪي جي اجازت هئي. ٻج، ٽريڪٽر ۽ ٻيون مشينري، زرعي قرض، مائڪرو ڪريڊٽ زرعي سڌارن جو حصو هئا. ڀٽو صاحب جي حڪومت ۾ ٿيل زرعي سڌارن سان هارين جون زندگيون بهتر ٿيون ۽ غربت ۾ گهٽتائي آئي.1977ع ۾ جنرل ضياءُ الحق ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري اقتدار هٿ ڪيو ته ڀٽو صاحب جي زرعي سڌارن کي  شريعت ڪورٽ کان رد ڪرائي ختم ڪري ڇڏيو.عجيب ڳالهه آهي ته وفاقي شريعت ڪورٽ طرفان زرعي سڌارن کي غير اسلامي قرار ڏيئي رد ڪري عملي طور تي جاگيرداري کي عين اسلامي قرار ڏيئي ڇڏيو ويو ۽ هاڻي جاگيرداري ۽ وڏيرڪو نظام  ملڪ کي ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي کي ڪينسر وانگر کائي رهيو آهي ۽ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڌاڙيلن جا ڪٽڪ، اغوا، ڌاڙا ، ڦرون ۽ ٻي هر قسم جي بدامني تيزي سان وڌي رهي آهي.

عجيب ڳالهه آهي ته،  زرعي سڌارن جي خالق جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ عابد حسين منٽو بعد سندس جماعت عوامي ورڪر پارٽي، رسول بخش پليجي جي جماعت عوامي تحريڪ پڻ زرعي سڌارن لاءِ ڪجهه ڪرڻ کان خاموشي اختيار ڪيل آهي .

وفاقي شريعت ڪورٽ جي زرعي سڌارن خلاف ڏنل فيصلي خلاف ملڪ جي ترقي پسند اڳواڻ  بئريسٽر عابد حسين منٽو  طرفان سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ضرورداخل ڪئي ويئي ۽ ان جي ڪجهه سالن تائين پوئواري پڻ ڪئي ويئي پر اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي عدالت ان جي ٻڌڻي نه ڪئي ۽ اها اپيل اڃا تائين سپريم ڪورٽ ۾ موجود آهي ۽ عابد حسين منٽو جي عمر 90 سال کان وڌيڪ ٿي وڃڻ ڪري ريٽائرٿي ويو ۽ ان بعد ڪابه ڌر ان عوامي ۽ انقلابي نوعيت جي ڪيس کي اٿارڻ يا پنهنجن هٿن ۾ کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. عوامي تحريڪ طرفان سنڌ جي پاڻي ۽ زمينن جي ڪارپورِيٽ فارمنگ لاءِ الاٽمينٽ خلاف ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ مظاهرا، احتجاج ۽ ريليون ته ضرور ڪڍيون وڃن ٿيون پر جيڪو سنڌ جي ماڻهن ۽ ملڪ جو اصل ۽ زندگي موت جو مسئلو زراعت لاءِ زمينن جي حاصلات ۽ زرعي سڌارن تي عمل ڪرائي لکين بي زمين هارين کي زمينون ڏيارڻ ۽ سنڌ ۾ زرعي ۽ سماجي انقلاب آڻڻ واروفرض آهي انهيءَ کان شايد ان ڪري لنوايو پيو وڃي ته جيڪڏهن زرعي سڌارن جي بحالي لاءِ تحريڪ هلائي ويئي۽ ان جي نتيجي ۾ 1972ع واراهي زرعي سڌارا  بحال ٿي ويا ته ان ۾ عظمت ته ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي ٿيندي ۽ ڳاٽ اوچو سندس جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٿيندي ان ڪري اهو ڪم ناهي ڪرڻو پوءِ چاهي اهو انقلابي ڪم ئي ڇونه هجي ۽ چاهي رسول بخش پليجي ۽ فاضل راهو جي فڪر ، نظريئي ۽ جدوجهد کي ڇو نه نظرانداز ڪرڻو پوي.

عجيب ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ هيتريون ساريون سياسي جماعتون ۽ ترقي پسند پارٽيون ۽ علمي ۽ تحقيقي فورم ۽ سپريم ڪورٽ  ۽  ملڪ  جون هائيڪورٽن جي سينيئر وڪيلن جون تنظيمون سرگرم آهن پر ڪابهه ڌر پنهنجي طرفان اهو قومي نوعيت جو معاملو پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. جنهن جي نتيجي ۾ زرعي سڌارن بابت هلندڙ ڪم عملي طور تي رڪجي ويو آهي ۽ ملڪ ۾ وري جاگيرداري نظام کي بحال ڪرڻ وارو سلسلو شروع ٿي  ويو آهي ۽ زمينن تان لکين ننڍن آبادگارن ۽ هارين ۽ هارياڻين جي بي دخلي وارو سلسلو تيز ٿي ويو آهي ۽ بي روزگار ٿيندڙ هاري ۽ زرعي مزدور هاڻي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پنهنجي جياپي لاءِ روڊن رستن جي ڪنارن تي روزي روٽي لاءِ واجهائيندي ۽  ڪچي آبادين ۾ جمع ٿيندي نظر اچي رهيا آهن.

تازو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سالگرهه تي ڪراچي پريس ڪلب ۾سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ڪوٺايل تقريب جي خاص مهمان ماهر معاشيات جناب قيصر بنگالي تمام ڇرڪائيندڙ ڳالهيون ڪيون جنهن موجب، ملڪ ۾ بي زمين ماڻهن جي سڀ کان وڌيڪ تعداد 60سيڪڙو صرف سنڌ ۾ آهي ، جڏهن ته خيبر پختونخواه ۾ 30 سيڪڙو، پنجاب ۽ بلوچستان ۾35 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي. هن جو وڌيڪ اهو پڻ چوڻ هو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد پڻ تاريخ ۾ گم ٿي چڪي آهي ۽ سندس ساٿين طرفان سندس جدوجهد ۽ حاصلات جي نه ڪا مالڪي ڪئي ويئي آهي ۽ نه ئي ان کي اڳتي وڌايو ويو آهي۽ سنڌ ۽ بلوچستان جو نئون نسل ۽ هاڻوڪا ماڻهو ۽ ملڪ جي ڪنهن به جاءِ تي حيدربخش جتوئي کان واقف نه آهن.هن جو چوڻ هو ته سال بعد رڳوسالگرهه ملهائڻ ناانصافي آهي. هن سنڌ هاري ڪاميٽي سميت ملڪ جي سمورن ترقي پسندن ۽ انقلابين کي اپيل ڪئي ته هو زرعي سڌارن کي بحال ڪرائين ۽ هارين کي زمينون ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪن ۽ جاگيرداري ۽ وڏيرڪي نظام خلاف هڪ نڪتي تي گڏ ٿي جدوجهد ڪن ان کي ڪامياب بنائين ته اهو قوم ۽ ملڪ تي به احسان ٿيندو ۽ انقلابي فرضن جي پڻ مانائتي حاصلات ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.