اينٽي ڪئنالز ايڪشن ڪميٽي پاران حيدرآباد ۾ مارچ، ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ جي آبادگار تنظيمن تي مشتمل اينٽي ڪئنالز ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ خلاف اولڊ ڪئمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي ۾ مختلف ضلعن مان آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جن جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا ۽ اهي سنڌ جي پاڻي جي ڌاڙي خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا. ريلي کي خطاب ڪندي اينٽي ڪئنالز ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه سيد ميران محمد شاھ چيو ته هن وقت سنڌو درياھ ۾ پاڻي بجاءِ واري اڏامي رهي آهي، جيڪڏهن سنڌوءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌو درياھ مڪمل طور تي سڪي ويندو. ھن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڪئنالن جي مخالفت ڪئي آھي،  اسان بلاول ڀٽو کي اپيل ڪيون ٿا ته توهان اچي اسان سان گڏ احتجاج ۾ شامل ٿيو. سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز شاھ چيو ته اسان پاڪستان ۽ سنڌ کي بچائڻ لاءِ نڪتا آھيون، آئين ۽ قانون کي لتاڙي غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ وارا فيصلا بند ڪيا وڃن، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ آبادگار اڳواڻ سيد زين شاھ چيو ته ھي احتجاج سنڌو نديءَ کي بچائڻ جو احتجاج آھي، سنڌو درياھ اسان جي تاريخ، تھذيب ۽ جياپي جو ذريعو آھي، ھن چيو ته جڏھن سنڌ پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿي ھئي ته تڏھن سنڌ جي جاگرافي ۾ پاڻي ۽ وسيلا به ھئا پر اڄ سنڌ سان پاڻي سميت سمورن وسيلن تي ناانصافي ٿي رھي آھي. ھن چيو ته  سنڌو درياھ تي 6 ڪئنال ڪڍيا ويا ته اڌ پاڻي سنڌو درياھ جو ھليو ويندو، جنھن سان سنڌ تباھ ۽ برباد ٿي ويندي. ھن چيو ته صدر آصف علي زرداري سنڌ سان تعلق رکي ٿو، اھو ڪئنالن وارو فيصلو واپس ڪرائي، جنهن جو نوٽيفڪيشن ايوان صدر مان جاري ڪيو وڃي. سنڌ جي نامياري قانوندان ماما يوسف لغاري چيو ته آبادگارن سنڌو درياھ جي بچاءَ لاءِ وڏي تحريڪ شروع ڪئي آھي،وزيراعظم پاڻ قانون جي خلاف ورزي ڪري ته پوءِ ٻين تي ڪھڙي ميار ڏجي. ھن چيو ته ھتي امن، انصاف، روزگار ۽ پاڻي ناھي، سنڌ جو پاڻي زوريءَ کسيو پيو وڃي. ھن چيو ته سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ سنڌ پنجاب بارڊر تي ڌرڻو ھڻڻ گھرجي. وڪيل برادري عام ھڙتال ڪرڻ سان گڏ ھر ھفتي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ته جيئن عدالتن کي به معاملي جي خبر پئي. هن چيو ته پاڻي تي پنھنجو ساھ ته ڏينداسين پر ڌاڙيل ڪئنال ٺاھڻ نه ڏينداسين. سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير احمد ٽالپر چيو ته سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ ڀڙڀانگ ٿي ويندي، زاھد حسين ڀرڳڙي چيو ته سنڌ سان پاڻي معاملي تي ظلم ٿي رھيو آھي، پنجاب ۾ سارين جي آبادي وڌي پئي پر سنڌ ۾ فصل تباھ ٿي رھيا آھن. ھن چيو ته سنڌ جا ماڻھو ڪئنال ٺاھڻ نه ڏيندا. ايوان زراعت سنڌ جي سينيئر نائب صدر نبي بخش سٺيو، اصغر خان نوناري، مير عبدالڪريم ٽالپر، سنڌ آباد اتحاد جي اڳواڻ مير ظفر الله ٽالپر، سنڌ آبادگار بورڊ جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار يوسفاڻي ۽ ٻين چيو ته ھي احتجاج سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.