رياست زمين جا ننڍا تڪرار حل نه ڪرائي سگهي ته ان جو ڪهڙو فائدو؟کاٻي ڌر اڳواڻ

ڪراچي ( رپورٽر) پارا چنار واقعي خلاف  عوامي ورڪرز پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي، مزدور ڪسان پارٽي، نيشنل پارٽي ، نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن شيما ڪرماڻي، ڊاڪٽر رياض احمد، شفيق شيخ، عامر عزيزي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران هٿن ۾ بينر کڻي احتجاج ڪيو ، احتجاجي مظاهري کي  مزدور اڳواڻ منظور رضي، رمضان ميمڻ، شاهينه رمضان، عابد، محمد شير، شيما ڪرماڻي ۽  ٻين چيو ته پارا چنار جي شهرين تي حملو ڪري معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ نوجوانن کي قتل ڪندڙ قابل سزا آهن، اهو واقعو حفاظت ڪندڙ سرڪاري دستن جي باوجود وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي ناڪامي آهي. هنن چيو  ته اسان کي خبر آهي ته پارا چنار ۾ ڪير مارجي ويو، اهي ڪير آهن وسيلن تي قبضن لاءِ ماڻهن کي ماريو پيو وڃي ماڻهو باشعور ٿي ويا آهن، تعليم صحت تي ڌيان ڏنو وڃي، هنن چيو ته  هي فرقيواراڻي جي سياست آهي، داوڙ اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو، بازارون لٽيون ويون، کير پياڪ ٻارن کي به بخش نه ڪيو ويو، هي رياست زمين جا ننڍا تڪرار حل نٿي ڪري سگهي ته ان رياست جو ڪهڙو فائدو؟ ڪي پي جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ طالبان جي حڪومت آهي، جيستائين عوامي ادارا مضبوط نه ٿيندا غريب پورهيت مرندا رهندا جڏهن اسان متحد ٿياسين هنن کي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.