پ پ،جي يو آءِ،ن ليگ،متحده،جسقم،ڪيو اي ٽي ،جماعت اسلامي پاران ڪئنال رٿا رد

ڪراچي /ملير(ذوالفقار راڄپر+جميل چانڊيو ) سنڌ حڪومت سميت سنڌ جي سياسي، مذهبي ۽ قومپرست اڳواڻن سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال اڏڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه جمعيت علماءِ اسلام جي ميزباني هيٺ ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کھڙو، آبپاشي جي صوبائي وزير ڄام خان  شورو وقار مھدي عاجز ڌامراهه، قومي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري مظھر راهوجو، جسقم جي الاهي بخش بڪڪ، جي يو آءِ جي صوبائي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي، جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومرو، ايم ڪيو ايم جي عبدالحسيب ،ن ليگ جي بشير ميمڻ سميت ٻين پارٽين شرڪت ڪئي جڏهن ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ جسقم کانسواءِ جي ڊي اي،پي ٽي آءِ سميت ڪنهن به قومپرست پارٽي شرڪت نه ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جي مسئلي کي گڏيل مفادن واري ڪونسل ۾ کڻي ويو آهيان  ته 1991واري معاهدي تي عمل ڪيو وڃي جنهن ۾ 37 سيڪڙو پاڻي جو حصو سنڌ، 37 سيڪڙو حصو  پنجاب ۽ ٻين صوبن  جو آهي. هن چيو ته ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر چولستان ڪينال تي سخت اعتراض ڪيو آهي. آئين ۾ پاڻي جي حوالي سان واضح طور لکيل آهي ته گڏيل مفادن واري ڪونسل معاملن جي منظوري ڏيندي. سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۾ صدر جو ڪوبه ڪردار ناهي. سنڌ جي حصي جي  پاڻي مان هڪ  ڦڙو به چورائڻ نه ڏينداسين، ان نقطي تي هڪ آهيون  نٿا چاهيون ته ان مسئلي تي سياست ڪئي وڃي  1991 واري پاڻي معاهدي کي تحفظ ڏيندي عمل ڪيو وڃي. جي يو آئي اڳواڻ مفتي عبدالقيوم هاليجوي ۽ راشد محمود سومرو اي پي سي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مان تڪراري 6 ڪينالن جي مسئلي تي  13کان وڌيڪ سياسي پارٽين کي گهرائي پنهنجو قومي فرض ادا ڪيو آهي. هنن چيو ته پاڻي ڪانفرنس لاءِ سموري پارٽين خاص طور سياسي، مذهبي، حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي پارٽين کي اهو فيصلو ڏيڻ گهرجي ته اسان پاڻي جي معاملي تي سڀ گڏ آھيون. جسقم اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ چيو ته قانوني طور تي سنڌ جي پاڻي تي حق پڇڙي وارن جو آهي پر وفاقي حڪومت پاڻي سميت سنڌ جي سمورن وسيلن تي قبضو ڪري رهي آهي ڪنهن به صورت پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ بشير ميمڻ چيو ته مسلم ليگ (ن) سنڌ جي عوام سان گڏ آھي، وفاقي حڪومت کان گهر ڪيون ٿا ته سنڌو درياهه جي پاڻي بابت قومي مفادن وٽان فيصلا ڪيا وڃن. هن چيو ته ارسا ايڪٽ ختم ڪري آئين جي شڪل ڏني وڃي ان کانپوءِ صوبا ڀلي پنهنجي حصي مان ڪئنال ٺاهين، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي وفد قومي عوامي تحريڪ جي  مرڪزي جنرل سيڪريٽري  ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، فرحان لاڙڪ، غلام مدثر سرڪي ۽ ڪاشف خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ جي يو آءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو ته ايوان صدر ۾ سنڌو دريا تي 6 ڪينالن جي منظوري ڏني وئي، اڄوڪي اي پي سي ان فيصلي کي رد ڪري، ان جي مذمت ڪري گڏيل قرارداد ۾ لکيو وڃي ته اڄوڪي اي پي سي ايوان صدر ۾، صدر آصف زرداري جي صدارت ۾ ڪينالن جي ڏنل منظوري کي رد ڪندي ان جي سخت مذمت ڪري ٿي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدراياز لطيف پليجو جي ھدايت آھي ته جيڪڏھين گڏيل قرارداد ۾ ايوان صدر جي فيصلي کي رد ڪري، ان جي مذمت نه ڪئي ويندي ته قومي عوامي تحريڪ ان قرارداد تي صحيح نه ڪندي. مظھر راھوجي چيو تہ سنڌو دريا مان چولستان لاءِ ڪينال ڪڍيا ويا ته سنڌ سڪي صحرا بڻجي ويندي، اسين سنڌو دريا تي ڌاڙي جي غير قانوني فيصلي ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت کي شريڪ سمجھون ٿا سنڌ جو عوام خاموش نه ويهندو،  جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نصرالله چيو ته سنڌو دريا ۾ پاڻي جي مسئلي تي عوامي سراپا احتجاج آهي ان سلسلي ۾ ارسا ايڪٽ نئي سر جائزو وٺي عوام زراعت ۽ سنڌو دريا متعلق اثرائتا فيصلا ڪيا وڃن.  اي اين پي جي اڳواڻ يونس بونيري چيو ته اسان هميشه اھڙي رٿان جي مخالف ڪندا رهيا آهيون جنهن سان عوام کي نقصان پهچي ٿو پاڻي جو مسئلو معمولي ناهي ملڪ ۽ عوامي جي مفادن وٽان فيصلو ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي عبدالحسيب، مرڪزي مسلم ليگ جي اڳواڻ فيصل نديم ۽ ٻين به سنڌو درياهه مٿان ڪئنال اڏڻ جي سخت لفظن ۾ مخالفت ڪئي. آل پارٽيز ڪانفرنس کان پوءِ اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌو درياهه مٿان سمورا ڪئنال رد ڪيا ويا ۽ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ مهم سان گڏ اسيمبلين ۾ پڻ قرار دادون آڻڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي ۽ ملڪ گير احتجاج ڪرڻ جو به چتاءُ ڏنو ويو.اي پي سي جي پڌرائي موجب شريڪ ٿيلن چيو ته ٿر ڪئنال، ريڻي ڪئنال، چولستان ڪئنال، گريٽر ٿر ڪئنال، ڪڇي ڪئنال، چشما رائيٽ بينڪ ڪئنال وارن منصوبن کي رد ڪريون ٿا. آل پارٽيز ڪانفرنس ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌو درياهه تي نون ڪئنال جي منصوبابندي کي فوري روڪڻ جو مطالبو ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.