انتهاپسندي ۽ سنڌوءَ مان ڪئنالن خلاف سنڌ ڀرپور مزاحمت ڪندي

حيدرآباد(رپورٽر) عورتن، انساني حقن جي اڳواڻن، قومپرست، ترقي پسند ۽ روشن خيال ڌرين، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ وارن منصوبن ۽ سنڌ جي رواداري تي حملن کي سنڌو تهذيب تي حملو قرار ڏيندي چيو  آهي ته سنڌ جي ماڻهن ڪئنالن ۽ ڊيمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، حڪمرانن کي سنڌ جي ماڻهن جو فيصلو مڃڻو پوندو، جيڪڏهن هو سنڌو درياهه سڪائڻ وارن پنهنجن منصوبن تي عمل ڪرڻ کان پوئتي نه هٽيا ته سنڌ ڀرپور مزاحمت ڪندي، سنڌ جي ماڻهن ڪڏهن به انتهاپسندي ۽ جنونيت کي هن ڌرتي تي جاءِ ناهي ڏني، پر رياست جي پاليسين ۽ روين مان ثابٿ ٿي رهيو آهي ته هٿ وٺي سنڌ ۾ انتهاپسندي کي هٿي ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه سنڌ رواداري ڪميٽي جي سڏ تي حيدرآباد ۾ اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين ٿيل تاريخي “رواداري ۽ سنڌو درياهه بچايو” مارچ کي خطاب ڪندي ڪيو. مارچ ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ رواداري ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کان سنڌو درياهه کسڻ جي سازش ٿي رهي آهي، سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه ۽ رواداري خاطر اڄ هتي هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿيا آهن. ھن چيو ته گرين پاڪستان انيشييٽو جي نالي ۾ سنڌو درياھه تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. سنڌوءَ تي نوان ڪئنال ٺاھڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي رواداري جي لاءِ ڀلي اسان جون جانيون قربان ٿي وڃن، پر پوئتي نه هٽنداسين. ھن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي بيدردي سان قتل ڪري سندس لاش جي تذليل ڪئي وئي، پر جوابدار اڃا تائين آزاد آهن حڪومت فوري طور تي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث جنونين ۽ انتهاپسندن کي گرفتار ڪري. وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ عاليا بخشل چيو ته ھي ڌرتي صوفين ۽ امن جي ڌرتي آھي، ڪنهن به قسم جي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته اسان سنڌو درياھه تي ھڪ به ڪئنال قبول نه ڪنداسين. انساني حقن جي تنظيم  ايڇ آر سي پي جي چيئرپرسن اسد اقبال بٽ چيو ته سنڌ سان پاڻي جي معاملي ۾ سدائين ناانصافي ٿي آهي، پنجاب پنھنجا ٽي درياهه وڪرو ڪري ڇڏيا، جنھن سان سنڌ جي پاڻي ۾ گھٽتائي ٿي. جڏھن ته ھاڻ وڌيڪ 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ٿي رھي آھي. سنڌ جا ماڻھو اھڙي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. هن چيو ته سنڌين جو مزاج صوفياڻو رهيو آهي، سنڌ جي صوفين جي سرزمين طور سڃاتي وڃي ٿي، پر اڄ ان ڌرتي تي انتهاپسندي کي پکيڙڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جنهن جا پيرا سگهارين ڌرين ڏانهن وڃن ٿا، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌي ھزارين سالن کان مذھبي روادار آھن، جن ڪڏھن به مذھبي انتھاپسندي کي ويجهو اچڻ ناھي ڏنو. ھن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي جي سرڪار انتھاپسندن سان گڏ بيٺل آھي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته پيپلزپارٽي ڪئنالن خلاف واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، در اصل پيپلزپارٽي اقتدار جي لالچ ۾ 6 ڪئنالن جي منظوري يقيني بڻائي آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه جو قتل عالمي ڏوهه آهي، غيرملڪي سرمائيڪارن جي مفادن خاطر درياهه جو قتل ڪندڙ ملڪ دشمن آهن، سنڌ جو عوام پنهنجي درياهه جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکندو. نامياري ليکڪه ۽ وومنز ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو چيو ته عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل واري واقعي تي سنڌ جي ماڻھن خوف کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ سنڌ جي سڃاڻپ کي بچايو. اسان کي اهو رستو ناهي ڇڏڻو. ھن چيو ته سنڌ جي بقا سنڌو درياھه سان آھي. سنڌو درياھه اسان جي تھذيبي سڃاڻپ ۽ جياپو آهي، هي جدوجهد جياپي جي لاءِ آھي. پ پ شهيد ڀٽو سنڌ جي آرگنائيزر رحيم بخش کوسو چيو ته سنڌو درياهه نه رڳو سنڌ جو جياپو آهي, پر تهذيب, ثقافت ۽ سڃاڻپ آهي, سنڌو درياهه ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري ڊيلٽا تباهه ٿي چڪي آهي, ماحوليات تي ان جا انتهائي خرب اثر پيا آهن. سمنڊ لکين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائي ويو آهي، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي اڳواڻ  ناصر منصور چيو ته سنڌ ۾ انتھاپسندي کي هوا ڏئي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، سنڌ جي رواداري ۽ پاڻيءَ تي حملو سنڌ جي تھذيب تي حملو آھي. ھن چيو ته حڪمرانن سنڌ جا وسيلا کسڻ لاءِ منصوبا جوڙيا آھن. ان خلاف سنڌ سخت مزاحمت ڪندي. ھن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز جو قتل ۽ انتھاپسند خلاف سنڌ جا ماڻهو سراپا احتجاج آھن، رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو چيو ته سنڌ رواداري ڪميٽي لٺيون کائي به ثابت ڪيو ته سنڌ صوفياڻي ۽ سيڪيولر ڌرتي آھي. سنڌ جا ماڻھو ايئن ڪنھن کي به ظالمن هٿان ڪسجڻ نه ڏيندا سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر جتوئي چيو ته سنڌو درياهه خاطر سنڌ جا ماڻهو آخري حد تائين وڃڻ جي لاءِ تيار آهن، سنڌو درياهه کانسواءِ سنڌ جي ماڻهن جو جياپو ممڪن ناهي، حڪمران سنڌين جو معاشي قتلام ڪرڻ چاهين ٿا. عورت اڳواڻ عائشه ڌاريجو چيو ته سنڌو درياھه تي ڪئنال ڪڏھن به ٺاھڻ نه ڏينداسين. حڪمرانن کي اھڙو فيصلو ھر صورت ۾ واپس وٺڻو پوندو. زھرا خان چيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي تي سنڌين جو حق آھي ۽ سنڌو درياهه ۽ رواداري سنڌ جي لاءِ ريڊ لائن آھي،صوفي جونيئر جانڻ چن چيو ته سنڌ جي ماڻهن ۾ انتھاپسندي واري سوچ ڪڏهن به ناهي رهي. اڄ دنيا نفرتن جي باھه ۾ سڙي رھي آھي. اتي دنيا سنڌ کان امن جو اتساھه وٺي پئي. ھن چيو ته اسان انتھاپسندي کي رد ڪيون ٿا. سنڌ کي سنڌ جو سيڪيولر روح ئي بچائيندو. هن چيو ته سنڌو درياهه سنڌو تهذيب جي سڃاڻپ آهي، ان سڃاڻپ کي سنڌ بچائيندي. سنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ بدر چنا چيو ته سنڌو درياھه تي ڪوبه ڪئنال قبول ناھي. سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين. سنڌ اھڙن غيرقانوني ڪئنالن کي رد ڪري چڪي آھي. مارچ ۾ نامياري اديب تاج جويو، نامياري دانشور جامي چانڊيو، نامياري قانوندان يوسف لغاري، پروفيسر امداد چانڊيو، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، نامياري صحافي اقبال ملاح، ڊاڪٽر بخشل ٿلهو، حمز علي چانڊيو، انيل حب علي، غفرانه آرائين، ڊاڪٽر بختاور ڄام، شبنم گل، واجد لغاري، پشپا ڪماري، روبينا چانڊيو، صائمه جعفري، جوشيلو سنڌي، سليم جروار، حسين مسرت، ڊاڪٽر رخسانه پريت، نجمه پنهور، نسيم جلباڻي، گلبدن جاويد مرزا، ماروي اعواڻ، ماروي لطيفي، رميش گپتا، ايڊووڪيٽ جي اين جروار، مرتضيٰ سيال، فاطمه مجيد، مصطفيٰ ميراڻي، سعيد بلوچ، عباس کوسو، اقبال خان سميت پ پ شهيد ڀٽو، عوامي تحريڪ، عوامي ورڪرز پارٽي، وومين ڊيموڪريٽڪت فرنٽ، عوامي جمهوري پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، پورهيت مزاحمت تحريڪ، نيشنل ٽريڊ يونين، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان(ايڇ آر سي پي) سنڌ هاري ڪميٽي ۽ سنڌياڻي تحريڪ سميت مختلف قومپرست سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تنظيمن جي ڪارڪنن، اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن، وڪيلن ۽ صحافين به شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.