ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي مزاحيه فنڪارن علي گل ملاح ۽ سهراب سومري عوامي آواز جي نعري ”ڀوتارڪي نظام کان ڇوٽڪارو کي ڀرپور موٽ ڏني آهي. سندن چوڻ آهي ته ڀوتارڪو نظام سنڌ جي ثقافت نه آهي، اهو نظام اسان تي مڙهيو ويو آهي. عوامي آواز سان ڳالهائيندي سهراب سومري چيو ته تعليم جي گهٽتائي سبب شعور جي کوٽ آهي جنهن سبب ماڻهو وڏيرن جي پٺيان لڳي پون ٿا، تعليم کي عام ڪري شعور آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته سنڌو درياهه اسان جو ساهه آهي، سنڌي ان تي احتجاج ڪندا ۽ هڪ به ڪئنال منظور ناهي، اسان جي لاشن تي ڪئنال ٺهندا. علي گل ملاح جو چوڻ هو ته وڏيرا قبضا مافيا آهن جن قبضو ڪيو ۽ وڏيرا بڻجي ويهي رهيا، اهي ٻاهران ماڻهو آيل آهن، سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، سنڌ جي زمين سنڌين جي آهي، اسان پاڻ ۽ اسان جا وڏڙا ئي وڏا آهن ڪو هڪ وڏيرو ناهي. هن چيو ته عوامي آواز جو ڀوتارڪي نظام کان ڇوٽڪارو وارو نعرو زبردست آهي. ثقافتي ڏهاڙا ملهائڻ سان قوم جي سڃاڻپ ٿيندي آهي، اهڙن ڏينهن سان گڏوگڏ ايشوز کي به اجاڳر ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته عوامي آواز جي شهيد رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، سندس اصل قاتل گرفتار ڪيا وڃن.