اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ پاران اڄ 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ لانگ مارچ جو سڏ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو به سڏ ڏنل آهي، حڪومت احتجاج کي روڪڻ لاءِ سمورا قدم مڪمل ڪري ورتا آهن، پوليس ڪارروايون ڪري 500 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، اسلام آباد جا روڊ رستا بند ڪيا ويا آهن، ٻين صوبن کان 30 هزار اهلڪار اسلام آباد پهچي ويا آهن، جڏهن ته رينجرز کي به مقرر ڪيو ويو آهي، حڪومت احتجاج کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي ۽ اسلام آباد کي 33 هنڌن ڪنٽينر هڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته لاهور ۽ فيصل آباد کان وفاقي راڄڌاني ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، لاهور جي ايندڙ ويندڙ رستن کي به ڪنٽينر لڳائي بلاڪ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته رنگ روڊ به ٻن ڏينهن لاءِ بند آهي، فيصل آباد شهر جا رستا بند آهن، موٽر وي ايم 5 سکر کان رحيم يار خان تائين بند آهي، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ميٽرو بس سروس پڻ بند ڪئي وئي آهي، علامه اقبال يونيورسٽي جا اڄ ٿيندڙ امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن، انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند رهندي، اسلام آباد ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ رينجرز ۽ ايف سي کي مقرر ڪيو ويو آهي، ٻين صوبن مان پوليس فورس اسلام آباد پهچي وئي آهي. جن ۾ پنجاب جا 19 هزار اهلڪار ۽ آفيسر جڏهن ته سنڌ پوليس جا 5 هزار اهلڪار شامل آهن، جڏهن ته گهرو وزير محسن نقوي احتجاج ڪندڙن کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي هدايت ڪئي آهي، احتجاج دوران گرفتار جوابدارن کي اسلام آباد جي سمورن ٿاڻن ۾ رکڻ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، هوڏانهن احتجاج جي حوالي سان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جو اجلاس چيئرمين بئريسٽر گوهر جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير علي امين گنڊاپور، اڳوڻي صدر عارف علوي، شبلي فراز، شيخ وقاص اڪرم ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اسلام آباد مارچ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو، جاري ڪيل بيان موجب اڄ احتجاجي قافلو اسلام آباد طرف پنهنجو سفر شروع ڪندو، سڄي ملڪ ۾ بيگناهه قيد پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ باني چيئرمين جي آزادي، 26هين آئيني ترميم جي واپسي ۽ فيبروري جي چونڊن لاءِ حقيقي مينڊيٽ جي بحالي تائين احتجاج جاري رهندو، رابطا ڪميٽي ڪارڪنن کي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جي اپيل ڪئي، پي ٽي آءِ جي اسلام آباد ۽ راولپنڊي رابطا ڪميٽي احتجاج جي رٿابندي کي حتمي شڪل ڏني، جنهن موجب اڄ هڪ وڳي زيرو پوائنٽ پل کان احتجاج شروع ڪيو ويندو، جيستائين ٻين شهرن مان قافلا زيرو پوائنٽ نه پهچندا تيستائين راولپنڊي ۽ اسلام آباد جا ڪارڪن زيرو پوائنٽ تي ئي رهندا، ٻي پاسي پي ٽي آءِ جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي 24 نومبر جي حوالي سان شيئر ڪيل وڊيو ۾ علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته عمران خان جي حڪم موجب مطالبا پورا ٿيڻ تائين ڊي چوڪ تان نه هٽنداسين، اسان سڀني کي 24 نومبر تي ڊي چوڪ پهچڻو آهي ۽ جيستائين اسان جا مطالبا پورا نه ٿيندا اتان نه هلنداسين، مطالبن ۾ عمران خان، قيادت ۽ ڪارڪنن جي آزادي شامل آهي، هن ڪارڪنن کي چيو آهي ته ”ڪهڙيون به رڪاوٽون هجن، توهان کي هر صورت ۾ ڊي چوڪ پهچڻو آهي.عمران خان کي بيگناهه جيل ۾ وڌو ويو آهي ۽ اسان جي پارٽي تي جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي ان خلاف اسان سڀني کي ٻاهر نڪرڻو پوندو.هن حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ته اسان تي گوليون هلايو، اسان تي تشدد ڪيو، خندق کوٽيو، اسان تي فائر ڪيو، جيڪڏهن ڪو نقصان ٿيو ته ان جي ذميوار حڪومت هوندي.