شڪارپور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي:بابل ڀيو

شڪارپور (رپورٽ : ذوالفقار مگسي) ٻيلو کاتو اينڊ وائلڊ لائيف کاتي جي صوبائي صلاحڪار ۽ پ پ ضلعي شڪارپور جي صدر مير بابل  خان ڀيو  ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته شڪارپور ضلعي اندر امن امان  جي حالت تمام خراب آھي،جنھن تي وزير اعلي سنڌ سيد مراد شاهه ۽ پ پ پ ليڊز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي ادي فريال ٽالپر ۽ گھرو کاتي جي صوبائي وزير ضياءُ لنجار سان امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون آهن، گھوٽڪي ڪشمور ڪنڌڪوٽ شڪارپور ضلعن ۾ رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن ھلندڙ آھي، ھن چيو ته قبيلائي جهيڙن جهٽن سبب ڏوھن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. ضلعي ۾ مختلف برادرين جا خوني تڪرار ھلندڙ آھن جن جي خاتمي لاءِ پ پ پ ايم اي سردار خان چانڊيو ،پ پ پ ايم پي اي ممتاز خان جکراڻي،ٽائون چيئرمين نجف خان ڪماريو ۽ سردار خان رند جي اڳواڻي ۾ قمبراڻي معرفاڻي ،ڀيا چانڊيو تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ميڙمنٿ قافلا موڪلي جلد ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ان موقعي تي آزاد خان لھر ،سردار معين پھوڙ ،تاج شيخ ،آغا عاشق خان پٺاڻ ،خان ڀيو ۽ ٻيا ڪارڪن ساڻس گڏ هئا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.