¨ ڪالهه حيدر آباد ۾ سنڌ رواداري ڪميٽي جي سڏ تي رواداري تي ٿيل حملي ۽ سنڌو درياهه مان ڇهن ڪئنالن ڪڍڻ واري منصوبي خلاف شاندار ۽ ڪامياب ريلي ڪڍي وئي جنهن جي ڪاميابي کي اسان حق ۽ سچ جي، توڙي درست پيغام ڏيڻ جي تاريخي سوڀ سمجهون ٿا.
¨ اصل ۾ ڪجهه مذهبي ڌرين کي اها غلط فهمي هئي ته هي رواداي مارچ شايد مذهب سان منهن مقابل آهي جڏهن ته حقيقت اها ته هيءَ تحريڪ توهين رسالت يا توهين مذهب جي آڙ ۾ بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ واري انتهاپسند سوچ جي خلاف آهي.
¨ جڏهن ملڪ اندر توهين مذهب يا توهين رسالت جو قانون موجود آهي ته پوءِ انفرادي طور ڪنهن ماڻهوءَ يا گورهه کي اهو حق نه ملڻ گهرجي ته اهو پاڻمرادو عدالت بڻجي توهين مذهب يا توهين رسالت جو فيصلو ٻڌائنيدي ڪنهن کي پاڻمرادو ماري ڇڏي.
¨ اها ڳالهه سمجهائڻ لاءِ رواداري مارچ جي سربراهن کي ڪراچي کان پوءِ ڪالهه حيدرآباد ۾ به رواداري مارچ ڪرڻي پئي.ان مارچ پهرين مرحلي ۾ سٺو ٿيو جو سنڌ حڪومت کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ته ان جو تعلق مذهبي ڌرين سان مهاڏو اٽڪائڻ ناهي پر اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن ڪو به شخص تي توهين مذهب جي غلط الزام ۾ قتل نه ٿي وڃي
¨ جيڪڏهن ايئن سڀني کي موڪل ڏئي ڇڏبي ته پوءِ ڪير به ڪنهن دشمن يا مخالف تي توهين رسالت جو الزام هڻي کيس قتل ڪري سگهي ٿو. ۽ سزا کان به بچي سگهي ٿو. سزا ته ڇا رهندو گلن جا هار به پائي سگهي ٿو.
¨ ان رواداري مارچ اهو پيغام ڏنو آهي ته ڪير به مذهب جي خلاف ناهي، صرف ان عدالت کان مٿانهين رويي کي بي نقاب ڪرڻو آهي ته جيئن ڪير ڪنهن کي بي گناهه قتل نه ڪري ۽ جنهن تي الزام لڳي ٿو تنهن کي توهين رسالت يا توهين مذهب جو قانون پاڻ ڏسي.
¨ عمر ڪوٽ جي رهواسي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي قتل جو واقعو به ان حوالي سان تازو وڏو خوف ناڪ مثال آهي ڇاڪاڻ ته سندس آخري وڊيو بيانن ۾ واضح چيل آهي ته هن ڪا توهين رسالت ناهي ڪئي کيس وضاحت جو موقعو ڏنو وڃي. پر ان کي توهين رسالت جي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو نه ئي کيس بچاءُ جو موقعو ڏنو ويو.
¨ اها ڳالهه سمجهائڻ لاءِ ۽ مذهبي ڌرين جي غلط فهمي ختم ڪرڻ لاءِ رواداري مارچ ڪميٽي جيڪا جدوجهد ڪري رهي آهي سا يادگار ۽ واکاڻ جوڳي آهي، ان عمل سان سنڌ اندر ماضي واري روايتي مذهبي ڀائيچاري قائم ٿيندي جنهن ڏانهن اڳڀرائي ٿي چُڪي آهي.
¨ ان مقصد لاءِ ڪيل رواداري مارچ ۾ ڪراچي هجي يا حيدرآباد جنهن به عورت، انساني حقن جي اڳواڻن، قوپرستن، ترقي پسندن، روشن خيال ڌرين، اديبن، فنڪارن، شاگردن حصو ورتو آهي تن پاڻ کي تاريخ ۾ ۽ ثابت قدمي جي امتحان ۾ سرخرو ڪيو آهي. اهي فرد يقينن خوش نصيب آهن جن کي مذهبي ڀائيچاري جي روايت بحال ڪرڻ جو يادگار موقعو ملي رهيو آهي.
¨ سنڌ حڪومت به رواداري مارچ جي روح کي آخرڪار سمجهي ورتو آهي ان ۽ حيدر آباد جي مقامي انتظاميا انتهاپسند مذهبي ڌرين کي ساڳي ڏينهن ۽ ساڳي هنڌ رواداري مارچ جي مقابلي ۾ احتجاج ڪرڻ نه ڏنو.
¨ جڏهن ته ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت رواداري مارچ جي نه رڳو اجازت نه ڏني هئي پر پوليس عورتن جي تذليل به ڪئي هئي جنهن تي سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ٿي هئي.
¨ سو غلط کي غلط چوڻ ضروري هوندو آهي، ڪٿي همت به ڪرڻي پوندي آهي. جيڪڏهن حق ۽ سچ جو آواز نه اٿاريو ويندو ۽ مصلحتن چپ رهبو ته ان سان ظالم طاقتن کي پنهنجي ڏاڍ جو نظام حاوي ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو آهي.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ رواداري مارچ کي طاقت سان روڪڻ واري غير جمهوري عمل جي سخت مخالفت نه ڪجي ها ته نه وڏي وزير مراد علي شاهه کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿئي ها ۽ نه ئي اها حيدرآباد ۾ رواداري مارچ جي اجازت ڏئي پنهنجي غلطيءَ جو ازالو ڪري سگهي ها.