دھشتگردي، دعويٰ، الزام ۽ ٽڪراءُ جي ٿيل تياري

تحرير: سيد مجاھد علي

پاڪستان جو عوام لوئر ڪرم ۾ عام ماڻھن جي ٿيل قتل جي غم سھڻ،  برداشت ۽ ان دهشتگردي پٺيان سببن  کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر 24 نومبر جو احتجاج ملڪ جي سياست تي حاوی آهي. حڪومتي پابندين کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪنهن به قسم جي احتجاج يا ميڙ گڏ ٿيڻ تي بندش لڳائي ڇڏي آهي، پر تحريڪ انصاف جا اڳواڻ 26هين ترميم کي عدليه جي آزادي تي حملو قرار ڏيندي واضح ڪري رهيا آهن ته عدالتي فيصلو سندن احتجاج کي روڪي نھ ٿو سگهي.

ساڳئي وقت  سياست ۾ سعودي عرب جي ڪردار بابت  ڏکوئيندڙ بحث شروع ٿي ويو آهي. عمران خان جي زال بشرا بي بي اوچتو  ملڪي سياست تي ڇانئجڻ جي مقصد لاءِ جوش ڏيکاري رهي آهي. کيس لڳي ٿو تھ ھو عمران خان جي غير موجودگي ۾ اڄوڪي ڪامياب احتجاج جي اڳواڻي ڪري، تحريڪ انصاف جي حقيقي وارث بڻجي سگهي ٿي. هن تڪراري بيانن سان ماڻھن  جو ڌيان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي .هڪ وڊيو پيغام ۾ ھن عمران خان جي اگھاڙين  پيرين مديني وڃڻ ۽ تڏھوڪي  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي ايندڙ فون ڪالز جو ذڪر ڪري  سياست ۾ طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي.

وڊيو پيغام ۾ بشريٰ بي بي دعويٰ ڪئي ته ”عمران خان  مديني ويو ۽ واپس آيو ته جنرل باجوه کي فون اچڻ شروع ٿيا. باجوه کي چيو ويو ته ”هي ڪھڙي  شخص کي آندو  آهي، اسان کي اهڙا ماڻهو نه گهرجن. اسان ملڪ ۾ شرعي قانون کي ختم ڪرڻ شروع ڪري رهيا آهيون ۽ توهان هڪ اهڙي شخص کي آندو. تڏهن کان هنن اسان خلاف گند ڪرڻ  شروع ڪيون. پي ٽي آءِ جي باني کي يهودي ايجنٽ سڏڻ شروع ڪي“

پهرين تھ اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوه جا بيان ميڊيا ۾  اچڻ لڳا ته بشريٰ بي بي جي دعويٰ ۾ ڪا به سچائي ناهي ۽ کيس ڪٿان به عمران خان بابت فون نه آيو ھو. ٻئي طرف حڪومتي اهلڪارن ان موقعي کي غنيمت سمجھندي بشرا بي بي ۽ تحريڪ انصاف تي الزام  جو  سلسلو شروع ڪري ڏنو.ته هي بيان ملڪ دشمني تي ٻڌل آهي. ڏکي گھڙي ۾ ڪم ايندڙ دوست ملڪ خلاف اهڙو بيان ڏيندڙ  پاڪستان جا دوست ٿي  نٿا سگهن.

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ بچاءَ واري وزير خواجه آصف کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف به ان بيان تي تبصرو ڪيو ۽ ان کي ملڪ دشمن قرار ڏيڻ ضروري سمجهيو. ڪڇي ڪئنال منصوبي جي بحاليءَ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي حيثيت سان مان اعلان ٿو ڪريان ته جيڪو به هٿ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دوستي ۾ رڪاوٽ بڻجندو ته قوم ان ھٿ کي مروڙي ڇڏيندي.هڪ معمولي بيان جنهن جي ناڪاري اثر کي زائل ڪرڻ لاءِ ھڪ وضاحت يا ترديد سان ڪافي ھئي. ان ھوندي ٻنهي طرفن کان ان کي  قومي سطح جو وڏو مسئلو قرار ڏنو پيو وڃي ۽ ٻئي ڌريون پاڻ ۾ اٽڪي پيون آھن.

بشريٰ بي بي جو بيان بي بنياد ھو. تحريڪ انصاف جي سياسي مهم لاءِ عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اھڙي ڪوشش ڪئي وئي.تجزيه نگارن جو چوڻ آھي تھ عمران خان مقبول ترين اڳواڻ آهي. پر اها بھ  حقيقت آهي ته هڪ سال دوران ڪيترين ئي ڪوششن جي باوجود تحريڪ انصاف ڪا به نمايان سياسي طاقت ڏيکارڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ان عرصي دوران عمران خان مسلسل جيل ۾ رهيو آهي. ٻئي پاسي سمجهھ ۾ اچي ٿو تھ  حڪومت کيس آزاد ڪرڻ جو ڪو ارادو نھ ٿي رکي.

سالن کان پوءِ اگھاڙين پيرن  مديني وڃڻ  ۽ ان بابت ُاتان يا ٻئي ڪنھن ٻئي هنڌان عمران خان جي  مذهبي جذبي جي حوالي سان  بيان جو ذڪر ڪرڻ غير ضروري نه هو. ان جو مقصد آھي تھ بشرا بي بي کي تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ انتظامي ڍانچي مان اها اميد نه آهي ته هو ايتري وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي ٻاھر  ڪڍڻ  ۽  اسلام آباد ۾ گڏ ڪري وڃن جي قابل آھي. جنھن سان حڪومت دٻاءَ ۾ اچي سگھي ۽ عمران خان کي آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿئي. ان ڪري هن ان مهم کي مذهبي رنگ ڏيڻ ۽ عمران خان جي قيد کي عشق رسول سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

بشريٰ بي بي جيئن ته سياستدان ناهي ان ڪري کيس پنھنجي بيان جي اثر جو اندازو نھ ھوندو. ممڪن آهي ته ان بيان کانپوءِ 24 نومبر تي ٿيندڙ احتجاج ۾ ڪجهه وڌيڪ ماڻهو  شامل ٿين، پر اھڙي بيان بازي سان ملڪي مفادن کي ڇيھو پھچندو.نھ رڳو ايترو پر عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي پرڏيهي شھرت کي بھ نقصان ٿيندو.

ان بيان سان نه رڳو سعودي حڪمران ڇرڪندا پر آمريڪا ۽ اولھھ جي ملڪن ۾ عمران خان کي ’مذهبي انتها پسند‘ طور ڏٺو ويندو، جنهن جي تصديق سندس زال  ڪري رھي  آهي.

جيتوڻيڪ عمران خان پرڏيهه ۾ پنهنجن حامين جي ذريعي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اولھھ  ملڪ اسلام آباد تي دٻاءُ وجهي کيس آزاد ڪرائين. ان ڪري  آمريڪا ۽ برطانيا جي پارليامينٽ جي ميمبرن ان بابت خط لکيا آهن. عمران خان جي آزادي لاءِ تحريڪ انصاف کي آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي مان  اميدون  آهن. بشرا بي بي يا ان جي صلاحڪارن عمران خان جي مذهبي وابستگي بابت بيان ڏيڻ وقت يقيناً ان ڳالهه تي غور ڪرڻ جي زحمت نھ ڪئي آھي.

سياسي تڪرار سامهون اچي بيٺو  آهي. ڪنهن کي به خبر ناهي ته جنگ ۽ فساد کان تنگ آيل پاڪستاني ماڻھن کي، حقيقي آزادي لاءِ ٻيڙيون ساڙڻ جو اعلان ڪندڙ بشريٰ بي بي ڪھڙو تحفو ڏيندي. ان احتجاج کي روڪڻ ۽ ڪنھن امڪاني جاني نقصان جو ملڪ جي سياست تي گھرو اثر ٿيڻو آھي. ٻئي طرف ڪرم ۾ فوت ٿيل 44 ڄڻن جي وارثن کان علاوه امن جي خواهش رکندڙ هر شهري سياسي ويڙهه ۾ مصروف سياسي  اڳواڻن جي حرڪتن  کي ڏسي وڌيڪ مايوسي جو شڪار ٿي رھيو آهي.

سياسي تڪرار سامهون اچي بيٺو  آهي. ڪنهن کي به خبر ناهي ته جنگ ۽ فساد کان تنگ آيل پاڪستاني ماڻھن کي، حقيقي آزادي لاءِ ٻيڙيون ساڙڻ جو اعلان ڪندڙ بشريٰ بي بي ڪھڙو تحفو ڏيندي. ان احتجاج کي روڪڻ ۽ ڪنھن امڪاني جاني نقصان جو ملڪ جي سياست تي گھرو اثر ٿيڻو آھي. ٻئي طرف ڪرم ۾ فوت ٿيل 44 ڄڻن جي وارثن کان علاوه امن جي خواهش رکندڙ هر شهري سياسي ويڙهه ۾ مصروف سياسي  اڳواڻن جي حرڪتن  کي ڏسي وڌيڪ مايوسي جو شڪار ٿي رھيو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.