غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاھي) غوثپور ۾ 2 ڏينھن اڳ ملڪ ۽ چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ٻن نوجوانن بابن ملڪ ۽ جاويد ملڪ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندن وارثن ۽ جي يو آءِ جي ڪارڪنن پاران غوثپور انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، 9 ڪلاڪ روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي، جنهنڪري مسافر سخت پريشان رهيا، مظاهرين ڪشمور پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا، ان موقعي تي مقتولن جي وارثن الزام هنيو ته چولياڻي ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري اسان جي 2 نوجوانن کي قتل ڪيو، جيستائين پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪندي اسانجو ڌرڻو جاري رهندو، جي يو آءِ اڳواڻ جمال الدين اوڳاھي، مولانا خان محمد ملڪ ۽ سيد سھيل احمد شاھه جيلاني، سياسي سماجي اڳواڻ علي اڪبر سنڌي دراوڙ ۽ صفي الله لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بيگناهه ماڻهن جو قتل عام ٿي رهيو آهي، پوليس ۽ چونڊيل نمائندا قبائلي تڪرارن کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، ملڪ برادري جي ٻن نوجوانن جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اسان حڪومت کان مطالبو ڪيو ٿا ته جوابدارن کي گرفتار ڪريو وڃي، 9 ڪلاڪن کان پوءِ پوليس مظاهرين ۽ وارثن ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد لاش کنيا ويا ۽ روڊ کولي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي، ڊي ايس پي سيد اصغر علي شاھ، انسپيڪٽر اعجاز احمد کوسو ۽ لياقت ملڪ کي ساڻ ڪري ڌرڻي واري هنڌ مظاهرين آصف ملڪ، عبدالغني ملڪ سان ڳالهيون ڪيون ۽ وارثن کان 5 ڏينهن جي مهلت گهري، وارثن 5 ڏينهن جي مهلت ڏيندي ڌرڻو ختم ڪيو، جنهن کانپوءِ وارثن لاش کڻائي ضروري ڪارروائي لاءِ منتقل ڪيا، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو ختم ڪرڻ بعد ٽريفڪ بحال ڪئي وئي.
-
جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا، پوليس جوابدارن جا 2 گهر ڊاهي ڇڏيا
غوثپور: ملڪ برادري جي ٻن 2 نوجوانن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري جمال واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي پر هڪ جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي، پوليس 2 گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، پوليس موجب 2 ڄڻن کي قتل ڪيس ۾گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو .
-
ملڪ برادري جا 3، چولياڻين جو هڪ ۽ هڪ واٽھڙو سميت پنج قتل ٿي چڪا
غوثپور: ملڪ ۽ چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪجهه سالن کان زمين جي مالڪي تان جهيڙو ھلندڙ آهي، ھن وقت تائين ملڪ برادري جي ڌر استاد راڻو ملڪ سميت 3 ماڻهو جڏھن ته چولياڻي برادري جو ھڪ ڄڻو قتل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته بجاراڻي برادري جو واٽھڙو سميت ٻنهي ڌرين جا مجموعي طور تي پنج قتل ٿي چڪا آهن .