ڪوٽڙي ۾ جسقم آريسر جو اڳواڻ راشد ڪلهوڙو کنڀجي ويو

ڪوٽڙي (ن ع آ) جسقم آريسر تعلقي ڪوٽڙي جو نائب صدر راشد ڪلهوڙو کنڀجي ويو، سندس وارثن پوليس ۽ رياستي ادارن مٿان الزام هڻندي چيو آهي ته راشد تعلقا اسپتال ڪوٽڙي ويل هو، جتان ٻاهر نڪري هوٽل تي چانھه پي رهيو هو ته ڪجھه پوليس جون گاڏيون، ويگو ۽ موٽر سائيڪل تي سوار اهلڪار کيس مارڪٽ ڪندي منهن تي ڪپڙو ڏئي کڻي ويا آهن، هنن چيو ته اسين پر امن شهري آهيون ائين نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ سمجھه کان ٻاهر آهي، هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته نوجوان کي فوري طور  ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي، ٻئي طرف جسقم آريسر جي مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح چنا چيو ته راشد ڪلهوڙي کي فوري طور آزاد نه ڪيو ويو ته سخت کان سخت احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.