ڪراچي( رپورٽ: ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي اندر ڦر لٽ سميت ڏوهن جي وارداتن ۾ واڌ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران پوليس پاڻ ڏوهن ۾ واڌ جو اعتراف ڪيو آهي. ايس ايس پي سينٽرل، ايس ايس پي ملير ۽ اوڀرپاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي، جنهن ۾ شهر اندر ڏوهن جو اعتراف ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سينٽرل ضلعي ۾ اسٽريٽ ڪرائم خلاف موثر ڪارروايون ڪيون ويون. هن سال سينٽرل ضلعي مان 572 اسٽريٽ ڪرمنلز گرفتار ڪيا ويا آهن. هن سال سينٽرل ضلعي ۾ 324 مقابلا ٿيا جن ۾ 32 ڏوهاري مارجي ويا. پوليس مقابلن ۾ 298 ڏوهاري زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته مقابلي کانپوءِ 233 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ملير ضلعي ۾ هلندڙ سال اسٽريٽ ڪرائم جا 508 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ايس پي اوڀر ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ اسٽريٽ ڪرائم وڌيڪ آهن. ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ واڌ جا ڪيترائي سبب آهن. رپورٽ موجب ڪراچي جي آبادي ۾ واڌ سبب ڏوهن ۾ به اضافو ٿيو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن سال اوڀر ضلعي ۾ 945 واقعا ٿيا آهن. رپورٽ موجب اوڀر ضلعي مان 696 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق، اوڀر ضلعي مان 117 چوري ٿيل موبائيل فون ۽ 24 لک کان وڌيڪ هٿ ڪيا ويا آهن. جوابدارن وٽان 28 موٽرسائيڪلون ۽ 20 ليپ ٽاپ هٿ ڪيا ويا آهن . اوڀر ضلعي جي پوليس اسٽريٽ ڪرائم خلاف اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. گرفتار جوابدارن وٽان 60 پستول پڻ هٿ ڪيا ويا آهن . عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي .