ڄامشورو(ڊ ر) مھراڻ يونيورسٽي جي پيٽروليم اينڊ نيچرل گئس عملدار شفقت ڪنڌر سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي وٽان مبينا طور کنڀجي ويو، مليل ڄاڻ موجب ڪار سوار ماڻهن آڌي رات جو سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي فيز ون ۾ شفقت ڪنڌر جي گھر جو در کڙڪايو، در کولڻ بعد شفقت ٻاھر ويو جنهن بعد واپس نه موٽيو، سندس کنڀجڻ خلاف مھراڻ يونيورسٽي جي پورھيت ملازمن جي نمائيندا تنظيم ميوا جي سڏ تي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ميوا اڳواڻ قادر برفت، شهاب نظير، ممتاز ڪلھوڙو ۽ شفقت ڪنڌر جي ڀاءُ عرفان ڪنڌر جو چوڻ ھو ته شفقت ڪنڌر کي مھراڻ ڪار ۾ سوار ڪجھه ماڻھو کنڀي کڻي ويا ۽ گم ڪيو ويو آھي، کيس فوري ظاھر ڪري آزاد ڪيو وڃي، ياد رھي ته مھراڻ يونيورسٽي ملازم شفقت ڪنڌر پاران انتظاميا خلاف سينارٽي تي عھدا نـ ملڻ سميت مختلف معاملن تي مختلف ڪورٽن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا ھئا، جنهن سبب سوسائٽي ۽ مھراڻ يونيورسٽي ۾ اھي پڻ چئوٻول آهن ته انتظاميا خود مٿس ڏمريل ھئي ۽ انتظاميا کيس ھيسائڻ ۽ ڪيسن تان ھٿ کڻن لاءِ کڻايو آھي.