اسلام آباد(بيورو/م ڊ) حڪومت بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو ڪيو آهي. نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي بلوچستان ۾ دهشتگرد تنظيمن خلاف جامع فوجي آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو. جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ مذهبي انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ بابت به آگاهه ڪيو ويو. پڌرائي موجب بريفنگ ۾ قومپرستي، مذهبي انتهاپسندي کي ڀڙڪائڻ جي ڪوششن خلاف ڪارروائيون شامل آهن. غير قانوني اسپيڪٽرم کي منهن ڏيڻ ۽ ڏوهه ۽ دهشتگردي جو تعلق، بشمول تخريبڪاري ۽ غلط ڄاڻ واري مهم ۽ ٻيا مسئلا شامل آهن. ڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪميٽي انهن چئلينجن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ متحد سياسي آواز ۽ مربوط قومي بيان جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) کي فعال ڪرڻ ۽ قومي ۽ صوبائي انٽيليجنس ۽ خطري جي تشخيصي مرڪز قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. وڌيڪ چيو ويو ته انهن مسئلن کي جامع طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ سفارتي، سياسي، معلوماتي، انٽيليجنس ۽ فوجي ڪوششن تي مشتمل هڪ مڪمل نظام اختيار ڪيو ويو آهي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن ۽ وزارتن وچ ۾ تعاون کي مضبوط ڪرڻ تي خاص زور ڏنو ويو ته جيئن دهشتگردي خلاف مهم تي موثر عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. اهڙي طرح وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ ويجهن تعاون کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڪوآرڊينيشن ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پڌرائي موجب ايپڪس ڪميٽي بلوچستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جي نشاندهي ڪئي آهي ڪالعدم مجيد برگيڊ، ڪالعدم بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي)، ڪالعدم بلوچستان لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) ۽ براس خلاف جامع فوجي آپريشن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ نيڪٽا، قومي ۽ صوبائي انٽيليجنس فيوزن کي ٻيهر فعال ڪرڻ ۽ خطري جي تشخيصي مرڪزن جي قيام تي به اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته اجلاس ۾ صوبائي ايپڪس ڪميٽين جي نگراني ۾ ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي واري مهم جي تجديد، گمراهه ڪندڙ معلومات جي پکيڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هر پاڪستاني سپاهي آهي، ان جنگ ۾ ڪو يونيفارم ۾ آهي ۽ ڪو يونيفارم جي بنا ۽ اسان سڀني کي گڏجي دهشتگردي جي ناسور سان وڙهڻو آهي. هن چيو ته اسان سڀني تي پاڪستان جو آئين مقدم آهي، آئين اسان تي پاڪستان جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي جي ذميواري لاڳو ڪري ٿو ۽ جيڪو به پاڪستان جي سيڪيورٽي ۾ رنڊڪ بڻجندو، اسان کي ڪم ڪرڻ کان روڪيندو ته ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان آرمي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گورننس ۾ موجود خامين کي روز پنهنجي شهيدن جون قربانيون ڏئي پورو ڪري رهيا آهن.