ٽيڪنالاجي جي دور ۾ ٻارن جي حفاظت لاءِ نوان چئلينج درپيش آهن:وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سيف سٽي منصوبي جي پهرين مرحلي تي ڪم تيز ڪيو ويو آهي. عوام جو تحفظ ۽ سيڪيورٽي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ڊائريڪٽر سنڌ سيف سٽيز اٿارٽيز آصف اعجاز شيخ وڏي وزير کي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي،وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سندس هداينتن موجب آئيڊياز 2024 جي سيڪيورٽي کي سخت ڪيو ويو آهي،هوڏانهن وڏي وزير ٻارن سان زيادتي جي روڪٿام جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي، جيڪو هر سال 19 نومبر تي ملهايو ويندو آهي، هن چيو ته اسان کي تعليم، شعور ۽ فهم ذريعي پنهنجي سماج مان ظلم ۽ بربريت کي ختم ڪرڻ گهرجي. ٽيڪنالاجي جي ترقيءَ بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هنن زندگيءَ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي پر ٻارن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ نوان چئلينجز به اچن ٿا. هن زور ڏنو ته معصوم ٻارن سان زيادتي کي روڪڻ لاءِ آگاهي پکيڙڻ ضروري آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.