وسيلا ڦرڻ لاءِ سنڌ کي بدامني حوالي ڪيو ويو آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ پرهه سومرو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڌاڙيلن کي سرڪاري سرپرستي حاصل آهي. سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ  ڪرڻ لاءِ سنڌ کي بدامني جي حوالي ڪيو ويو آهي، ضياء جيان موجوده حڪومت به ڌاڙيلن کي مچائي مواڙ ڪيو آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته نوان ڪينال ٺاهي سنڌو درياهه تي قبضو ڪيو پيو وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، هوڏانهن چولستان رٿا متعلق وزيراعظم جي نوٽيس کي سنڌياڻي تحريڪ ڊامو قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو، 6 ڪينالن بابت نوٽيس نه پر ڪينال رد کپن، سنڌ کي سنڌ جي حصي جو پاڻي گهرجي، سنڌو درياءَ جا تاريخي وهڪرا بحال ڪرائڻ تائين جدوجهد جاري رهندي. اهڙو اظهار سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، مرڪزي اڳواڻ زرقا هاليپوٽو، بيگم زئور ۽ افشين ميمڻ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. ٻي پاسي ماهه نور ملاح، رابعه ناريجو، حواخاتون، اقره لانگاهه ۽ ٻين اڳواڻن ڳوٺ ڀنگر، ٿرڙي محبت سميت ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ جي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري ڇهن ڪينالن خلاف عوامي مهم هلائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.