پاڪستان ۽ چين جي حڪومتن ۾ ٻه اهم مذاڪرات ٿين پيا. جنھن ۾ هڪ جو موضوع پاڪستاني حڪومت طرفان چيني منصوبي جي اسپانسرز کي واجب ادا ادائيگين جي ري شيڊيولنگ بابت آهي، جڏهن ته ٻيو موضوع پاڪستان ۾ انتھاپسندن جي حملن جي حوالي سان چيني سيڙپڪاري ۽ شھرين جي تحفظ سان لاڳاپيل آهي.
ڪجهه سالن ۾ چيني عملدارن جي بيانن ۾ ان ڳالھھ تي زور ڏنو ويو آهي ته هنن لاءِ اھو ڪيترو اھم آھي تھ پاڪستان ۾ رهندڙ ۽ ڪم ڪندڙ چيني شهرين لاءِ حفاظتي انتظامن کي بهتر بڻايو وڃي.تازو ئي 15 آڪٽوبر تي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اجلاس جي موقعي تي چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي اسلام آباد جي دوري کانپوءِ پاڪستان ۽ چين جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيني سيڙپڪارن ۽ عملي جي لاءِ ” گڏيل طور تي هڪ محفوظ ماحول پيدا ڪرڻ “ جي ضرورت تي ڳالهھ ٻول ڪئي وئي.
ان بيان ۾ڳري سفارتي ٻولي استعمال ڪئي وئي. بهرحال، اھو گڏيل بيان ٻين چيني بيانن جي ڀيٽ ۾ سخت نه هو، جيئن اسان پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي بيان تي چيني سفير جو ردعمل ڏٺو ھو ته جنھن چيو ھو تھ پاڪستان چين لاءِ منفرد آهي ۽ سيڪيورٽي خطرن جي باوجود هتي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ مارچ ۾ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي چيني مزدورن تي حملي کانپوءِ چين جا بيان به سخت قسم جا هئا.
بهرحال، معاملو ان کان گھڻو سنگين آهي. مثال طور، سومرڏينھن تي ٻه اهم پيش رفت ٿيون.ھڪ چيني پرڏيهي وزارت جي معمول جي پريس ڪانفرنس ھئي جنهن ۾ برطانوي خابرو ايجنسي رائٽرز جي نمائندي خاص طور تي ”پاڪستان ۾ چيني شهرين تي ٿيل تازن حملن “ بابت سوال ڪيو، جنهن جو چين سفارتي جواب ڏنو، جيڪو ھو ”چين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو“
پر ان ئي ڏينهن ڪراچي ۾ پاڪستاني اختيارين طرفان پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، جنهن ۾ انهن 6 آڪٽوبر تي ڪراچي ايئرپورٽ ٻاهران چيني شهرين تي ٿيل حملي جا مڪمل تفصيل ميڊيا کي فراهم ڪيا. ان حملي ۾ ٻن چيني شهرين سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا هئا.
پريس ڪانفرنس ۾مُهيا ڪيل تفصيل ۾ ترتيبوار حملي جو سبب بڻجندڙ واقعا ٻڌايا ويا.جيڪي ڪافي متاثر ڪندڙ هئا. آءِ جي پوليس ۽ سنڌ جي گهرو وزير جي ميزباني ۾ ميڊيا بريفنگ ذريعي پاڪستاني اختيارين ھڪ اهم پيغام ۽ اھو ھي ھو ته اسان معاملي جي تهه تائين پهچي رهيا آهيون ۽ اسان جي جاچ جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.
ٻئي ڏينهن، رائٽرز هڪ ٻي اسٽوري ڇاپي، جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته ”بيجنگ پاڪستان تي زور ڀري رھيو آهي ته هو پنهنجي شھرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سندن سيڪيورٽي اهلڪارن کي پاڪستان موڪلڻ جي اجازت ڏئي.“ چين پاران اهو دٻاءُ ڪراچي حملي کانپوءِ وڌو ويو آھي. رائٽرز جي اسٽوري ۾ چيو ويو ته ”ان حملي چين کي چڙ ڏياري، جنھن بعد چين گڏيل سيڪيورٽي انتظامن لاءِ باضابطه طور تي پاڪستان سان ڳالهين ڪيون “.اسٽوري ۾ ذريعن جي طور تي ”5 پاڪستاني سيڪيورٽي ۽ سرڪاري اهلڪارن کي شامل ڪيو ويو،جن کي اڻ تصديق ٿيل ڳالهين جي ڄاڻ ھئي“
ٻئي ڏينهن فنانشل ٽائمز ۾ هڪ ٻيو مضمون شايع ٿيو، جيڪو تائيوان جي راڄڌاني، تائيپي ۽ اسلام آباد مان لکيو ويو. ان ۾ به اها ئي ڳالهه ڪئي وئي هئي. بيجنگ پاڪستان ۾ سلامتي جي صورتحال کان ناخوش هو ۽ پنهنجي شهرين جي حفاظت لاءِ پاڪستان ۾ پنهنجو سيڪيورٽي ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪري رھيو ھو.
ان آرٽيڪل موجب پاڪستان ۾ سرگرم چيني سيڙپڪاري ۽ ٻين شعبن جي انتظاميھ چيني اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اھي ھنن جي حفاظت ڪري، فنانشل ٽائمز ڪيترن ئي چيني عملدارن جو حوالو ڏنو.ڪنهن حد تائين، سندس اھا درخواست ٻڌي وئي. آرٽيڪل موجب، پاڪستان ۾ موجود چيني سيڪيورٽي انجنيئرز اڳ ۾ ئي سڪيورٽي رٿ شروع ڪري چڪا آھن.جنھن ۾ مقامي گارڊن کي ھائر ڪرڻ.
ڀرتي ڪيل گارڊن جي پس منظر جي جاچ ڪرڻ ۽ ”معلومات گڏ ڪري رھيا ھئا“ ، پر چيني حڪومت تي دٻاءُ هو ته هو ان سلسلي ۾ پنهنجي ڪردار کي وسعت ڏئي.
لڳي ٿو تھ چيني سيڙپڪارن ۽ ورڪرز کي درپيش سلامتي جي مسئلي کي پاڪستان ڪيئن سنڀالي رھيو آھي.ان حوالي سان چين جي موقف ۾ تبديلي آئي آھي.ان کان اڳ رونما ٿيندڙ واقعن ۾چين پنھنجي بيانن ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ لاڳاپن جي ٻين پاسن کي نظرانداز ڪيو پر ھاڻي معاملو تبديل ٿي چڪو آھي.
مثال طور،ايس سي او بعد جاري ٿيندڙ گڏيل بيان ۾، ٻنهي ملڪن تعلقات “مضبوط ڪرڻ،گھري ڪرڻ ۽ عملي تعاون کي هٿي ڏيڻ“ بابت ڳالهه ڪئي. ان پڌرنامي ۾ ڪجهه اھڙن شعبن جو ذڪر ڪيو ويو ، جن ۾ ڪم ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا مضبوط ٿي سگهن ٿا، جهڙوڪ ML-1 ريلوي ۽ قراقرم هاءِ وي جي درستگي وغيره جڏھن تھ انھن معاشي معاملن جي نشاندھي پڻ ڪئي وئي.جيڪي ان اھم پروجيڪٽ جي تڪميل ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن.
سيڪيورٽي خدشن بابت پڻ چين جي لھجي ۾ تبديلي ڏٺي وئي آھي. جتي انھن ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جي وسيع منظرنامي جو حوالو ڏيندا رھيا آھن. اهڙي طرح اسان سومر واري ڏينھن بھ ڏٺو تھ جڏهن چين کان سيڪيورٽي خطرن بابت پڇيو ويو ته ان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ جي ڳالهه ڪئي.
پاڪستان چين گڏيل لاڳاپن جي ڳالهه ڪئي وڃي تھ اهي مختلف آهن، جيئن ته رائٽرز ۽ فنانشل ٽائمز جي تازي آرٽيڪلز مان اسان کي شاھديون مليون. پاڪستان ۽ چين جي آفيسرن وچ ۾ آف دي رڪارڊ ملاقاتون ٿي رهيون آهن.پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪندي اھي سيڪيورٽي صورتحال تي بار بار ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن ۽ چيني اختياريون پاڪستان کان مطالبو ڪري رهيون آهن ته اھي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع ڪردار ادا ڪري.
جيڪڏهن چين پاڪستان ۾ پنهنجا سيڪيورٽي ادارا مقرر ڪري ٿو ته ان سان خطرا ۽ جوکا وڌي ويندا. پاڪستان ۾ چيني سيڪيورٽي ادارن جو ڪھڙو ڪردار هوندو؟ ڇا اهي پنهنجا آفيسر مقرر ڪندا ؟ ڇا اهي هٿياربند هوندا ؟ اھي ڪھڙا شرط ھوندا جنھن تحت اھي پنھنجي طاقت جو استعمال ڪري سگھندا ؟ ڇا انهن جي نگراني ڪرڻ، انٽيليجنس گڏ ڪرڻ، شڪي ماڻھن تي نظر رکڻ،انھن کي تحويل ۾ وٺڻ يا انهن کان جاچ ڪرڻ جا اختيار هوندا ؟ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ چيني سيڪيورٽي اهلڪارن جي مقرري سان ملڪ ۾ چيني شهرين جو انگ پڻ وڌي ويندو، جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته وڌيڪ چيني شهري دهشتگردن جو نشانو بڻجي سگهن ٿا ۽ انهن چيني اهلڪارن جي حفاظت ڪير ڪندو؟
پاڪستاني اختيارين چين کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز کي مقرر ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي سٺو فيصلو ڪيو آهي. تنهن هوندي به لڳي ٿو تھ چين کي احساس آھي تھ پاڪستان پنهنجي طور تي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سٺي ڪارڪردگيءَ جو مظاھرو ڪري رهيو آهي.
عملدار ڳالهايون ڪن ٿا، ڪم ڪن ٿا ۽ مصروف نظر اچن ٿا جڏهن ته اصل مسئلو اندر ئي اندر وڌندو رھي ٿو ۽ اھي ان کي نظر کان اوجھل رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.اها ئي اھڙي روش آهي جيڪا معاشي مسئلن لاءِ به اختيار ڪئي ويندي آهي، جنهن سان مسئلو پاڙ کان ختم نه ٿيندو آهي. حڪومتي وسيلن جي کوٽ، پرڏيهي مٽاسٽا جي ادائيگين ۾ رڪاوٽون، سيڙپ لاءِ گھٽ بچت ۽ ٻين معاملن ۾ بھ اسان جو ملڪ ڇاھو ئي ڪري ٿو. پر اهو وقت آهي اسين سيڪيورٽي جي مسئلي کي حل ڪريون. ۽ هاڻي رڳو سٺي ڪارڪردگيءَ جو مظاھرو ڪرڻ ڪافي نھ آھي.