سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ۾ جسقم (آريسر) چيئرمين اسلم خيرپوري جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اسلم خيرپوري چيو ته پ پ حڪمران اقتدار خاطر سنڌو درياءَ جو سودو ڪيو آهي. اسان ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياءَ تي ڇهه ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسون. 10 نومبر تي نوابشاهه ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو. سنڌ جو جياپو پاڻي آهي، اسان پنهنجي حق تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿينداسون، پنجاب جا سڀ روڊ رستا بند ڪيا ويندا، پنهنجي سنڌ ڌرتي کي بچائڻ لاءِ مهاڏو اٽڪائينداسون. آصف زرداري جيڪي فيصلا ڪيا آهن اهي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا. ان موقعي تي انور ملاح، دائود سنڌي، علي سنڌي، قدير سنڌي، مارا سنڌي ۽ ٻين احتجاج ڪيو.