اسلام آباد( بيورو رپورٽ/م ڊ) سپريم ڪورٽ جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته دهشتگردي جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس سنڌ ۾ التوا ۾ آهن. چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي اجلاس جي صدارت ڪئي. جاري ڪيل پڌرائي موجب چيف جسٽس جي صدارت هيٺ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي انتظامي ججن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ انصاف جي تڪڙي ۽ موثر فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم چئلينجز جو جائزو ورتو ويو. پڌرائي موجب اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي مانيٽرنگ ججن جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان شرڪت ڪئي. ان کان علاوه اي ٽي سي عدالتن جي مانيٽرنگ ججن، سمورن صوبن جي پراسيڪيوٽر جنرلز ۽ وفاق پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ رجسٽرار سپريم ڪورٽ ۽ سيڪريٽري قانون ۽ انصاف ڪميشن پڻ شرڪت ڪئي. جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس جي شروعات ۾ چيف جسٽس اجلاس جي مقصد جو ذڪر ڪيو. اجلاس جو مقصد اي ٽي سي ڪيسن جي موجوده صورتحال ۽ ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ انصاف جي موثر فراهمي ۾ رڪاوٽن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن کي دور ڪرڻ هو. چيف جسٽس شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته هو غيرجانبدار ٿي قانون جي پاسداري ڪن. بيان موجب سڄي ملڪ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ 2 هزار 273 ڪيس هلندڙ آهن، جن مان 1372 ڪيس رڳو سنڌ ۾ حل ٿيڻ جا منتظر آهن. چيف جسٽس آف پاڪستان بيڪ لاگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ فرانزڪ سائنسي ليبارٽرين جي قيام ۽ تعداد ۾ واڌ تي غور ڪيو ويو. ڪيس جو بار گهٽائڻ لاءِ اضافي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي قيام تي به غور ڪيو ويو. چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل، پراسيڪيوٽر جنرلز معاملو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان اٿاريو. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته وسيلن جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ تڪڙا ۽ مربوط قدم ضروري آهن، اهي قدم دهشتگردي خلاف ڪيسن ۾ بروقت ۽ منصفاڻي نتيجا ڏيڻ لاءِ ضروري آهن. اجلاس ۾ انصاف جي رسائي ۽ ترسيل بابت سپريم ڪورٽ جي مختصر ۽ وچولي مدت واري پاليسي جو جائزو ورتو ويو. ان کان علاوه انصاف جي پهچ ۽ ترسيل بابت مختصر ۽ وچولي مدي واري پاليسي جو جائزو پڻ ورتو ويو. عدالتي سڌارن جي نئين ڍانچي جي ٺهڻ ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کان راءِ ورتي پئي وڃي، شروعاتي طور تي مختلف پس منظر رکندڙ ماهرن، عدالتي عملي، عدالتي نظام جي اهم ڪردار يعني وڪيلن جي تنظيمن کان راءِ ورتي پئي وڃي. عدالتي سڌارن کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ عوام سان به مشاورت ڪئي ويندي. چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي 97 ارب رپين جي ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار ٿيندڙ ٽيڪس ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جو فيصلو ڪيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ 97 ارب رپين جي التوا واري ٽيڪس ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان کي آئيني بينچ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، جسٽس امين الدين خان جوڊيشل ڪميشن ۾ آئيني بينچ جي سربراهه طور شرڪت ڪندو. چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي 97 ارب رپين جي ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار ٿيندڙ ٽيڪس ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جو فيصلو ڪيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ 97 ارب رپين جي التوا واري ٽيڪس ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.