ڪراچي( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچ جي عدم موجودگي سبب ڪيس التوا جو شڪار ٿيڻ لڳا، وڪيل سرڪاري ادارن خلاف ڪيس آئيني بينچ ڏانهن منتقل ڪرڻ جي تقاضا ڪرڻ لڳا، بورڊ آف روينيو خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڪيل پاران اعتراض ڪيو ويو، وڪيل چيو ته ڪيس هاءِ ڪورٽ جي معمول مطابق بينچ جي دائري ۾ نٿو اچي، 26هين آئيني ترميم کان پوءِ اٿارٽيز خلاف ڪيس جي ٻڌڻي صرف آئيني بينچ ڪري سگهي ٿي، جسٽس ظفر راجپوت چيو ته توهان جو ڪيس آئيني ترميم کان متاثر نٿو ٿئي، اسان ان جي ٻڌڻي ڪري سگهون ٿا، وڪيل چيو ته بهتر ٿيندو ته ڪيس ٻڌڻي لاءِ آئيني بينچ منتقل ڪيو وڃي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هاءِ ڪورٽ پاران وڪيلن ۽ لاڳاپيل ماڻهن کي ڪيس جي نوعيت بابت آرٽيڪل ڪيس جي ٽائيٽل سان گڏ لکڻ جو سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو.