ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي گاڏين تان فائرنگ واري واقعي ۾ ڪراچي پوليس بااثر اميرزادن کي بچائڻ لاءِ حقيقتون مسخ ڪري ڇڏيون، داخل ڪيل ڪيسن ۾ اي ايس ايف جي حوالگي جي رپورٽ پوليس پاران داخل ڪيس کي وائکو ڪري ڇڏيو. اي ايس ايف جي رپورٽ موجب ٻنهي گروپن کي ايئرپورٽ ڪار پارڪنگ چيڪ پوسٽ نمبر 1 وٽان پڪڙيو ويو. اي ايس ايف جي خالد ڪمپني گرفتار ٿيلن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب محمد حسن، مصطفيٰ باواڻي ۽ درين خان کي ايئرپورٽ احاطي مان گرفتار ڪيو ويو. اي ايس ايف جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته درين خان بيان ڏنو ته شارع فيصل وٽان اسان جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي جواب ۾ مون به فائرنگ ڪئي. رپورٽ موجب ٻنهي گروپن ايئرپورٽ جي حد اندر داخل ٿي فائرنگ ڪئي. جڏهن ته پوليس طرفان داخل ڪرايل شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته گشت دوران ٻن گاڏين ۾ سوار ماڻهن ايئرپورٽ ڏانهن وڃڻ دوران هوائي فائرنگ ڪئي.4 ڄڻا گاڏين مان هيٺ لهي ويا ۽ جهيڙو شروع ڪيو. سب انسپيڪٽر حافظ امان الله کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو ته هڪ زخمي سڪيورٽي گارڊ فضل الرحمان فرار ٿي ويو، گرفتار جوابدارن ۾ علي جان، محمد نواز ۽ محمد علي شامل آهن.پوليس ايف آءِ آر مان اي ايس ايف ۽ هٿ آيل پستول جو ذڪر خارج ڪري ڇڏيو ۽ گرفتار ٽنهي ڄڻن جو سيڪيورٽي ڪمپني سان لاڳاپو ظاهر نه ڪيو. ياد رهي ته شاهراهه فيصل تي هلندڙ گاڏين مان هڪ ٻئي تي فائرنگ جي واقعي ۾ سنڌ جي هڪ بااثر سياسي ۽ قبائلي خاندان جي فرد جو ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس خوف ۽ حراس پکيڙڻ واري واقعي تي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي.واقعي ۾ ملوث سيڪيورٽي گارڊ پرائيويٽ سڪيورٽي ڪمپني سان جو تعلق به شڪي ٿي ويو آهي، جاچ ذريعن موجب زخمي علي جان وٽان هڪ ايس ايم جي رائفل به ملي آهي سيڪيورٽي گارڊ جڏهن ته سيڪيورٽي ڪمپني کي ايس ايم جي رائفلز فراهم ڪرڻ جي اجازت ناهي. ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي ۽ ڊي آءِ جي ايسٽ اظفر مهيسر جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن.