حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ پاران 24 نومبر تي ٽنڊي محمد خان شهر ۾ درياءَ بچايو سنڌ بچايو جلسي عام ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويوآ هي، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جي تباهي جي ذميوار پ پ حڪومت آهي، سنڌ ۾ ھٿرادو غربت ۽ بدحالي مڙهي وئي آھي. پ پ ڪرپشن ۽ اقتدار لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ۽ وسيلا ڏئي ڇڏيا آھن. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي زمينن ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ جدوجھد جي تياري ڪن. پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ ھر سودو ڪرڻ لاءِ تيار آھي، انڪري چوٿون ڀيرو اقتدار تي مسلط ڪيو ويو آھي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي. روزگار ناھي. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي. جھالت ۽ لاقانونيت آھي. سنڌ جا ماڻھو عوام دشمن نظام مان بيزار آھن.اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ڌاڙيل راڄ، غربت، بدامني، ڪرپشن ۽ بيروزگاري جي گھيري ۾ آھي. سنڌ حڪومت امن امان ۽ ڪوڙن مقابلن کي روڪڻ لاءِ ڌاڙيلن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري ته جيئن ڏوھن ۾ ملوث ماڻھو پوليس وٽ پيش ٿين.