ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته وڏي پيماني تي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ شفافيت برقرار رکڻ مشڪل آهي. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مان پهريان ايم ڊي ڪيٽ جي مخالف هوس. نيشنل هيلٿ ڪميشن ايم ڊي ڪيٽ جو فيصلو ڪيو. منهنجي خيال ۾ جيڪي ٻار يونيورسٽي وڃڻ چاهين ٿا، تنهن يونيورسٽي کي پاڻ امتحان وٺڻ گهرجي. صوبائي صحت واري وزير چيو ته پوليو اڃا تائين اسان جي گٽرن ۾ موجود آهي. ڪووڊ دوران سڀني ٻارن کي ويڪسين نه ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هر پنجن سالن جي ٻار کي ويڪسين ڪئي ويندي