6 ڪئنالن خلاف ڪفن ٻڌي نڪرنداسين:غلام مصطفيٰ شاهه

نوابشاھ(ڊ ر)ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي سيد غلام مصطفيٰٰ شاھ نيشنل پريس ڪلب سڪرنڊ جي صدر غلام قادر چانڊيو جي  دعوت تي نيشنل پريس ڪلب سڪرنڊ جي دوري دوران صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ سان پاڪستان جي موجوده صورتحال تي ڪو به اثر نه پوندو باقي ڪير خوشي ملهائي ٿو ته اهو ان جو حق آهي، هن چيو ته مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، آرمي چيف جي مدو 5 سال ڪرڻ جي حمايت ان ڪري ڪئي ڇو ته صدر پاڪستان ۽ قومي اسيمبلي جو مدو به 5 سال آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌو درياھ مان نڪرندڙ 6 ڪينالن جي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به مخالفت ڪئي آهي ۽ اسان به ان جي مخالفت ڪريون ٿا، هن چيو ته اگر ڪينال ڪڍيا ويا ته اسان مٿي تي ڪفن ٻڌي نڪرنداسين، احتجاج ڪنداسين پر اگر ضرورت پئي ته اسان پنهنجا عهدا به ڇڏينداسين پر ڪينال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، ان موقعي تي منظور ٻگهيو، غلام نبي ڀنڀرو، ممتاز علي سيال، اصغر لاکو، عمران شيخ، منصور شهزاد، اصغر چهواڻ، مور چانڊيو، قربان مري، عابد حسين ڀٽي، فيضي خانزادو ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.