اسٽيبلشمينٽ جا ٻاهرين ملڪ پي ٽي آءِ اڳواڻ سان رابطا

اسلام آباد/واشنگٽن(اسد طور+بي بي سي)فارن پاليسي ميگزين مطابق پاڪستاني ڄاول آمريڪي ڪميونٽي ۾ موجود عمران  خان جي حامين ۾ گهڻن جو خيال آهي ته ٽرمپ پنهنجي ٻي صدارت دوران عمران خان جي وڪالت ۾ دلچسپي وٺندو، ڇو ته جڏهن ٽرمپ صدر هو ته هن ان وقت جي وزيراعظم عمران خان سان وائيٽ هائوس سميت ڪيترائي ڀيرا ملاقات ڪئي  ۽ کيس سٺو دوست قرار ڏنو هو پر ميگزين جي  سائوٿ ايشيا بريف جي ليکڪ  مائيڪل ڪوگل مين جو چوڻ آهي ته اهي مصروفيتون حقيقي دوست جي ڪري گهٽ ۽ ٽرمپ پاران افغانستان مان آمريڪا جي نيڪالي جو عمل شروع ڪرڻ لاءِ طالبان سان ملاقاتن ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي ٽرمپ جي خواهش کان وڌيڪ هيون،هن چيو ته ٽرمپ جي پنهنجي چونڊ مهم دوران عمران خان جي باري ۾ خاموشي ظاهر ڪري ٿي ته اڳوڻو وزيراعظم امڪاني طور هن جي ترجيحن جي لسٽ ۾ نه هوندو ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسي چيو ته سئو سيڪڙو يقين آهي ته ٽرمپ عمران خان جي آزادي ۾ ڪردار ادا ڪندو، هو پاڪستان ۾ به چاهيندو ته جمهور جو آواز ٻڌو وڃي،ڪيترائي ڀيرا آمريڪي سينيٽرن ۽ ڪانگريس ميمبرن عمران خان جي آزادي لاءِ آواز اٿاريو آهي، ٻئي پاسي تجزئي نگار مديحه افضل چيو ته مون کي نٿو لڳي ته آمريڪي ڪوششن جي نتيجي ۾ عمران خان جي آزادي ممڪن آهي ڇو ته ان لاءِ پاڪستاني حڪومت ۽ فوج تي شديد دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت پوندي، آمريڪا ۾ رهندڙ عاطف خان چيو ته پنج هفتا اڳ ٽرمپ جي ملاقات هڪ بااثر پاڪستاني سان ٿي ۽ ان ملاقات ۾ ٽرمپ چيو هو ته مان يقيني بڻائيندس ته منهنجو دوست عمران خان جيل مان ٻاهر اچي، هڪ اڳوڻي آمريڪي سفارتڪار ايلزبٿ ٿريلڪليڊ چيو ته ٽرمپ ۽ عمران خان جون ملاقاتون سٺيون رهيون پر ان ڳالهه جي اميد ناهي ته اهي عمران خان لاءِ نتيجا خيز حمايت جي صورت ۾ نڪرنديون،ٻئي پاسي  اسٽيبلشمينٽ ٻاهرين ملڪ ويٺل پي ٽي آءِ اڳواڻ ذلفي بخاري سان رابطي ۾ آهي،بخاري جا ٽرمپ جي ناٺي سان سٺا لاڳاپا آهن،آمريڪا ۾ سول سوسائٽي  جمهوريت،انساني حقن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ادارا پاڪستان بابت لکندا رهيا آهن،

  1. عمران کي ملڪ کان ٻاھر موڪلڻ لاءِ پي ٽي آءِ سرگرم

اسلام آباد (فخر دراني)ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چوي ٿو تھ پي ٽي آءِ عمران خان کي ملڪ کان ٻاھر موڪلڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي. چئن مھينن کان پي ٽي آئي جي سينيئر قيادت بھ اھو چئي رھي آھي تھ ٽرمپ جي کٽڻ کان پوءِ نھ رڳو عمران خان آزاد ٿي ويندو پر نيون چونڊون ٿينديون ۽ عمران خان وزيراعظم چونڊجي ويندو.پي ٽي آئي جون اھڙيون اميدون حقيقت جي ابتڙ آھن ٽرمپ کان اڳ جسٽس منصور علي شاھ مان اھڙيون اميدون لڳايون ويون.اگر اسرائيل ايران جنگ لڳي ٿي تھ ان صورت ۾ آمريڪا کي پاڪستان جي ضرورت پئجي سگھي ٿي ان صورت ۾ ڪا ڳالھ ٿئي تھ عمران جي حق ۾ ٿي سگھي ٿي. علي امين گنڊاپور سميت ٻيا اڳواڻ ڀرپور ڪوشش وٺي رھيا آھن.پر ذريعن جو چوڻ آھي تھ في الحال خان جي آزادي جو ڪو امڪان ناھي. باقي عمران جي آزادي سميت ڪابھ اگر اڳڀرائي ٿي سگھي ٿي تھ جنوري کان پوءِ ئي ٿي سگھندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.