واشنگٽن(م ڊ) ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي تي دنيا جي اڳواڻن پاران مباڪون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته آمريڪا جي روايتي مخالفن چين ۽ روس پاران باضابطا مبارڪباد جا پيغام سامهون نه آيا آهن پر رد عمل ظاهر ڪيو آهي، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موننگ معمول جي پريس بريفنگ دوران چيو ته هو آمريڪا سان پرامن گڏيل لاڳاپن تي يقين رکي ٿو، روس سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آمريڪا اڃا به دشمن رياست آهي ۽ اهو وقت ئي ٻڌائيندو ته يوڪرين ۾ جنگ ختم ڪرڻ بابت ٽرمپ جو بيان حقيقت ۾ بدلجي ٿو يا نه؟ ڪرملين جي ترجمان دمتري پيسڪوف صحافين کي ٻڌايو ته صدر ولاديمير پيوٽن سان گڏ کيس مبارڪباد ڏيڻ جو امڪان ناهي. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ٽرمپ کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ”مان عالمي معاملن ۾ سندس ’طاقت ذريعي امن‘ واري سوچ کي ساراهيان ٿو، افغانستان جي طالبان حڪومت چيو آهي ته اميد آهي ته صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي سان آمريڪا سان لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جو آغاز ٿيندو، افغان پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان عبدالقهار بلخي چيو ته افغان حڪومت کي اميد آهي ته ٽرمپ انتظاميه ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ٺوس اڳڀرائي لاءِ حقيقي قدم کڻندي. ترڪ صدر رجب طيب اردگان به ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني ۽ ايڪس تي لکيو ته ”مون کي يقين آهي ته آمريڪي عوام جي چونڊن سان شروع ٿيندڙ نئين دور ۾ انصاف واري دنيا لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪيون وينديون، برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ۽ فرانسيسي صدر ايمنيوئل ميڪرون به ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اسان وڌيڪ امن ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ’ايڪس‘ تي ڊونلڊ ٽرمپ کي صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جامع عالمي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ لاءِ ٽرمپ سان مسلسل رابطي جو منتظر آهي.
-
ريپبلڪن سينيٽ ۾ به اڪثريت ماڻي ورتي
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن ۾ آمريڪي ڪانگريس جي اپر ايوان سينيٽ ۾ ريپبلڪن اڪثريت حاصل ڪري ورتي. آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ 100 رڪني ايوان ۾ ريپبلڪن 51 سيٽون حاصل ڪيون آهن جڏهن ته ڊيموڪريٽس 43 سيٽون حاصل ڪيون آهن.
-
ٽرمپ غزا جنگ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ختم ڪرڻ جو چيو هو: حماس
دوحا (م ڊ) آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي کانپوءِ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جو ردعمل سامهون اچي ويو. حماس اڳواڻ سمي ابوذوهري پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٽرمپ کي ان جي بيانن جي حساب سان جاچيو ويندو، ڇو ته هن چيو هو ته هو آمريڪي صدر طور غزا جنگ کي ڪجهه ڪلاڪن ۾ روڪيندو. حماس پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر باسم نعيم چيو ته صيهوني رياست جي انڌي حمايت ختم ٿيڻ گهرجي.