اسلام آباد (اعزاز سيد) ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر فوزيا حميد ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 28500 سنڌ سرڪار جي ملازمن جا شريڪ حيات شامل آهن جيڪي پيسا وٺندا رهيا آهن. صوبائي وزير سردار شاهه ان جي تصديق ڪندي چيو ته اسان ان تي ڪارروائي ڪنداسين. اها ڄاڻ بي آءِ ايس پي گڏ ڪئي آهي. غريبن جا پيسا سرڪاري ماڻهن جي گهرن ۾ وڃي رهيا آهن، اهو وفاقي سطح جو معاملو آهي، ان تي ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.