عمرڪوٽ ويجهو اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

عمرڪوٽ (رپورٽ: غلام مصطفي مھر ) عمرڪوٽ رتنور روڊ ڪيٽل ڪالوني ڀرسان نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ گوليون لڳڻ سبب غضنفر عرف مور کوسو مارجي ويو جنھن جو اطلاع ملڻ تي  سول اسپتال  عمرڪوٽ پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي ذريعن موجب غضفر عرف مور کوسو جو ڪجهه ماڻهن سان پئسن جي ڏيتي ليتي تڪرار هلندڙ هو اڄ پئسا وٺڻ ويو ته نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو،  واقعي خبر پوڻ کوسا برادري سميت عمرڪوٽ شهر جون مختلف برادرين جا ماڻهو سول اسپتال پهچي ويا، شهر ۾ سوڳ جو ماحول ڇانئجي ويو،  جڏھن ته آخري اطلاعن واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو ھو ۽ نه ئي واقعي جو ڪارڻ معلوم ٿيو ھو،  ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او عمرڪوٽ سٽي عطا محمد لغاري ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع ملڻ بعد اسان شڪ جي بنياد تي ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي آھي ۽ وڌيڪ ڄاڻايل ڪيس بابت معلوم ٿيو ته آگاھه ڪيو ويندو ۽ وارث ڪيس ۾ ڪيس داخل ڪرائي جيڪي به واقعي ۾ ملوث ۽ نامزد ڪندا ته انھن جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.