ڦلجي ويجهو جوابدار فائرنگ ڪري ڀائٽي کي قتل ڪري ڇڏيو

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ:  رانا محفوظ) پيارو اسٽيشن ويجهو ڳوٺ ٻاجهي ڪلوئي ۾جهيڙي دوران چاچي بندوق جا فائر ڪري پنهنجي ڀائٽي 35 سالا خدا بخش ڪلوئي کي قتل ڪري ڇڏيو ٻڌايو وڃي ٿو ته واقعو گهرو معاملي سبب پيش آيو آهي ڳوٺ ٻاجهي ڪلوئي ۾ واحد بخش ڪلوئي ۽ سندس ڀائٽي خدا بخش ڪلوئي وچ ۾ گهرو معاملي تان جهيڙو ٿي پيو جهڙي  دوران واحد بخش ڪلوئي بندوق جا فائر ڪري پنهنجي ڀائٽي خدا بخش ڪلوئي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دادو سول اسپتال پهچايو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي خدا بخش ڪلوئي فوت ٿي ويو، جنهن کان پوءِ ضروري ڪارروائي بعد فوتي جي مڙهه کي وارثن حوالي ڪيو ويو ، جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين م ڪهرام مچي ويو،  آخري اطلاع موجب پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ۽ نه وري جوابدار خلاف ڪا قانوني ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.